اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير ۽ وڪيل ايمان مزاري کي اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري ورتو، تفصيل موجب  اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير کي اسلام آباد جي ترنول ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪري ورتو، اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته علي وزير کي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، ساڳئي ٿاڻي جي پوليس اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءُ وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ ايمان مزاري کي به گرفتار ڪيو، پوليس موجب ايمان مزاري کي رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو، شيرين مزاري دعويٰ ڪئي ته عورت پوليس ۽ سادن ڪپڙن ۾ آيل اهلڪار ايمان مزاري کي گهران اغوا اغوا ڪري ويا آهن، شيرين مزاري چيو ته اهلڪار پوري گهر ۾ تلاشي وٺي رهيا هئا، ايمان مزاري پنهنجي ڪمري ۾ ستل هئي، اهلڪار گهر جون سيڪيورٽي ڪيمرائون، ايمان جو ليپ ٽاپ ۽ فون به کڻي ويا، شيرين مزاري چيو ته گهر ۾ صرف اسان ٻه عورتون رهنديون آهن اسان کي وارنٽ به نه ڏيکاريو ويو، هوڏانهن علي وزير ۽ ايمان مزاري کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري جمعي ڏينهن هڪ تنظيم جي جلسي ۾ ملڪي ادارن خلاف تقرير ڪئي هئي.