اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي هنگامو، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيرو، تلخ ڪلامي، ڳالهائڻ جي اجازت پوءِ به نه ملي. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو، آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ماءُ ۽ دهشتگردي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ دعا گهري وئي وئي. سوالن جوابن جي وقفي دوران پي ٽي آءِ ميمبر سليم الرحمان چيو ته سوات جي غريب ماڻهن تي مردان ۾ حملو ٿيو، پنهنجي ئي ماڻهن تي حملو ڪيو ويو، حڪومتي وزير انهن ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جو ڊرامو ڪيو، ان جي مذمت ڪيون ٿا حڪومت معافي وٺي. پي ٽي آءِ ميمبر مجاهد علي چيو ته مردان حملي جي جوڊيشل انڪوائري ٿيڻ گهرجي، شهيدن لاءِ پيڪيج جو اعلان ٿيڻ گهرجي، مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو ته مردان ڊرون مڪمل شاهدين جي بنيادن تي ڪيو ويو، ڪيترن ئي دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو، 18هين ترميم بعد امن امان ڪنهن جي ذميواري آهي؟ هڪ جماعت دهشتگردن جو ساٿ ڏئي رهي آهي، پي ٽي آءِ ان دهشتگردن کي ٻيهر آباد ڪيو. هن چيو ته جعفرآباد ايڪسپريس وانگر مردان جي ڪاٽلنگ حملي کي سياسي رنگ ڏنو پيو وڃي، انهن سان ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون جن جي هٿن ۾ بندوق هجي. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ڳالهائڻ جي اجازت گهري جنهن تي اسپيڪر کيس اجازت نه ڏني، اپوزيشن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. پي ٽي آءِ ميمبر جنيد اڪبر چيو ته اسان پنهنجو پيٽ ڪاٽي سيڪيورٽي ادارن تي لڳائيندا آهيون، ادارا اسان جي حفاظت بدران ڪنهن ٻئي ڪم ۾ لڳي ويا آهن، انهن جو ڪم حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ناهي، انهن جو ڪم زراعت، اسٽاڪ ايڪسچينج وغيره ناهي، هن چيو ته دهشتگرد افغانستان کان پاڪستان ڇو اچي رهيا آهن، ڪنهن ٻئي هنڌ ڇو ناهن ويندا، ڇا اسان سيڪيورٽي ادارن تي اربين کربين رپيا ناهيون لڳائيندا، جيڪڏهن اسان پارليامينٽ ۾ نه ڳالهائينداسين ته ڪٿي ڳالهائينداسين، اسان ڳالهايون ٿا ته ايف آءِ آر داخل ٿي وڃي ٿي، اسان جي واش روم ۽ بيڊ روم مان نڪرو، ادارا پنهنجو ڪم ڪن، پاڪستان تبديل ٿي ويندو. اسپيڪر اياز صادق جنيد اڪبر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان وڏي سٺي ڳالهه ڪئي، ڪاش اوهان سلامتي اجلاس ۾ شرڪت ڪريو ها، اها ميٽنگ حڪومت ۽ اپوزيشن جي نه هئي، اتي امن امان جي ڳالهه ڪري پيا سگهو، سمورين پارٽين کي پاڪستان خاطر اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته فورسز کي ملندڙ گاڏين ۽ پلاٽس بابت سوال جو جواب ناهي مليو، اوهان کان ۽ اسيمبلي اسٽاف کان شڪايت آهي، ڇا اوهان مون کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي اسپيڪر چيو ته اوهان کي سڀاڻي تائين تفصيلي جواب ملي ويندو، اپوزيشن ليڊر جي اصرار باوجود اسپيڪر فلور نه ڏنو جنهن تي عمر ايوب، بئريسٽر گوهر، محمود اچڪزئي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو بيهي رهيا، اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي.