انسان سماجي جانور آھي ھن ڳالھ کان اسان سڀ بخوبي واقف آھيون. سماجي جانور ھجڻ واري ڇاپ جو مطلب ھي آھي تہ انسان آھي تہ جانور پر عقلي امتياز جي سبب ٻين جانورن يعني حيوانن کان مختلف آھي. پر انسان پنھنجي سماجي برتري کي دوام بخشڻ واسطي دنياوي خوف، ذاتي لوڀ ۽ ظاھري ٺاٺ جي ڪري ۽ ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي نامناسب روين جي ڪري چاھي ڀلي پوءِ غير محسوس طريقي سان ئي سھي پر اڪثر پنھنجي لاءِ مسئلا پيدا ۽ مامرا کڙا ڪندو رھي ٿو. سماجي جانور ھجڻ واري ڇاپ توڻي جو ھن کي سماجي، سائنسي ۽ فلسفياتي طور تي تہ معتبر وصفن ۽ صفتن واري سڃاڻپ ڏئي ٿي پر، سماجي برتري ھن کي مفادن، ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ، ماتحت عملي کي دھمان ۽ دڙڪي ۾ رکڻ ۽ اسي سيڪڙو غلط ڪم ڪرڻ کي جواز بخشيندي رھي ٿي. اسان جڏھن اُٺ ڪتابن جا پڙھي بہ، پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوءِ بہ، ۽ ادارن کي ڪاميابي سان ھلائڻ ۽ ملازمن جي صلاحيتن مان ڀرپور فاندا کڻڻ جي لاءِ سوين قسمن جون ٽريننگز ڪرڻ جي باوجود بہ، آخر اھي ڪھڙيون نظر ايندڙ يا نظر نہ ايندڙ شيون آھن، جو اسان پنھنجي قائم ڪيل يا سرڪاري ادارن کي ڪاميابي سان ھلائڻ کان قاصر ھوندا آھيون. آخر ڇا سبب آھي جو اسان پنھنجي ماتحت عملي کي ھر خرابي جو ذميوار قرار ڏيون ٿا ۽ ھن جي ھر حقي شئي کي ٺڪرايون ٿا. ڇو اسان جا رويا آمراڻا ٿي وڃن ٿا، جڏھن اسان ڪنھن اداري جي مينيجمنٽ يا مالڪ بڻجي وڃون ٿا. ڇو اسان پنھنجي عملي تي اعتماد ناھيون ڪندا ۽ ڇو ان عملي سان تمام گھٽ ڪلام ڪرڻ سان گڏ گٿا لفظ بہ ڳالھائيندا آھيون، جيڪو عملو اصل ۾ اسان جي اداري جي ريڙھ جي ھڏي (بيڪ بون) يعني اصلي سگھ ھوندو آھي. ھنن سڀني سوالن جو ھڪ ئي جواب آھي. اھو جواب ھي آھي: اسان ھڪ اھڙي تہ نفسياتي مونجھ ۽ خوف جو شڪار ھوندا آھيون جيڪو اسان کي ھي سوچڻ تي اڪثر مجبور ڪندو رھي ٿو تہ منھنجي اداري اندر ڪجھ اھڙا ماڻھو بہ آھن، جيڪي منھنجي خلاف آھن، منھنجي ڳالھ نٿا ٻڌن، يا منھنجو چوڻ نٿا ڪن. جيڪڏھن ساڳي جواب کي ٿورو ڊگھو ڪجي تہ وري بہ اسان کي نفسيات جو علم ئي ھن ڳالھ کان آگاھ ڪري ٿو تہ: انسان جڏھن احساسِ ڪمتري مان نڪري احساس برتري ۾ داخل ٿئي ٿو تہ ھن جو رويو ۽ ورتاءُ انتقامي بڻجي پوي ٿو جڏھن تہ، ڪم ڪرڻ ۽ ڪم وٺڻ جي لاءِ وري مطلبي بہ بڻجي ويندو آھي.
ياد رکڻ گھرجي تہ بي اعتمادي، بد گماني کي جنم ڏيندي آھي ۽ بد گماني وري “ڪميونيڪيشن گيپ” (گَھٽ ڪلامي) کي جنم ڏيندي آھي. ڪنھن بہ اداري کي ڪاميابي سان ھلائڻ جي لاءِ ٻنھي شين “بي اعتمادي” ۽ “گھٽ ڪلامي” مان جان ڇڏائڻ گھرجي. ادارن جي مينيجمنٽ ۽ عملي جي وچ ۾ جيڪڏھن بي اعتمادي ھوندي تہ اداري جا مقصد حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي پوندا. نقصان اداري سان گڏ، مينيجمنٽ جو بہ ٿيندو. انھيءَ بي اعتمادي ۽ گھٽ ڪلامي جي ڪري ملازمن کي ٿيندڙ سرگرمين جھڙوڪ ڪنھن پروگرام يا امتحانن وارين سرگرمين جي باري ۾ پوري طرح سان ڄاڻ ناھي ھوندي. بي خبر رھڻ جا مکيہ سبب مينيجمنٽ جو جارحاڻو رويو، ملازمن کي عزت نہ ڏيڻ ۽، ھر وقت ھنن جي برائي يا انھن تي ڪاوڙ جو اظھار ڪرڻ آھي. مينيجمنٽ ۽ عملي جو، ھڪٻئي کان پري رھڻ جي ڪري ٻہ عام تاثر ھي جڙي پختا ٿي وڃن ٿا، ھڪ: عملو سوچي ٿو مينيجمنٽ سخت آھي. اسان تي اعتماد نہ پر شڪ ڪري ٿي. ٻيو: مينيجمنٽ سوچي ٿي تہ الف يا ب ڪم جيڪڏھن خراب ٿيو آھي تہ ان خرابي جو سبب فلاڻو يا فلاڻي آھي. نتيجي طور عملو بہ ٻن گروھن ۾ ورھائجي وڃي ٿو. ھڪ گروھ مينيجمنٽ جي گُڊ بُڪس (منظورِ نظر) ۾ شامل ٿي وڃي ٿو تہ ٻيو گروھ وري بيڊ بُڪس (بد بخت) ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. جھڙي طرح سان “ھر گھڙيءَ جي گَھَپي ۽ ھر پل جو ڪروڌ گھرن کي برباد ڪري ڇڏيندو آھي”، ساڳي طرح سان “مينيجمنٽ پاران پنھنجي ملازم تي بي اعتمادي ظاھر ڪرڻ ۽ گھٽ ڪلامي ڪرڻ سان ادارا تباھ بہ ٿي وڃن ٿا”. ھن تباھي جي ٿوري گھڻي يا سٺي بري جھلڪ اسان کي ڪڏھن ڪڏھن ھڪٻئي جي خلاف ڪجھ پوسٽن جي صورت ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي نظر ايندي رھندي آھي. مزي جي ڳالھ تہ متاثر ڪندڙ ۽ متاثر ٿيندڙ ٻئي ھي دعويٰ ڪندا رھندا آھن تہ اھي پنھنجي پنھنجي موقف تان (ڇا بہ ٿي پوي) پوئتي ڪونه ھٽندا. سوشل ميڊيا تي ھڪٻئي جي خلاف ڌرتي آڪاش ھڪ ڪري ڇڏيندا، ھڪٻئي کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ جون ڌمڪيون بہ خوب ڏيندا ۽ ٻئي حق بجانب ھجڻ جون ڳالھيون ڪندي ٿڪبا بہ ڪونہ پر، اوچتو ھي خبر ملندي تہ ٻنھي ڌرين پاڻ ۾ ٺاھ ڪري ڇڏيو آھي. سوشل ميڊيا تان ھڪٻئي جي خلاف پوسٽون بہ ھٽائي ڇڏيون آھن وغيرھ. ھن قسم جا عمل عڪس آھن اسان جي انھن نفسياتي خوفن جا جن جو بنياد ھڪٻئي تي بي اعتمادي ۽ گھٽ ڪلامي ڪرڻ آھي. بي اعتمادي ۽ گھٽ ڪلامي ڪندڙ ماڻھو ننڍي دل ۽ تنگ نظري جو شڪار بہ ھوندا آھن. ھنن کان ڪنھن جي جائز ڪاميابي تہ برداشت ناھي ٿيندي پر جن ۾ ھنن جو ڪم پوندو آھي تہ انھن جي عمرين جو لحاظ ڪرڻ کان نابلد ٿي انھن جي پيرن تي ڪِري بہ پنھنجو ڪم ٽپائي ويندا آھن. اھڙا ماڻھو جيڪڏھن توھان سان دشمني ڪن تہ ھنن جي ھن عمل کي پاڻ لاءِ چڱائي سمجھو. پر جڏھن چڱائي ڪن تہ سمجھو تہ خير ناھي. ڪنھن بہ فرد مان خوش ناھن ٿيندا. ھر وقت توھان کي پيا چوندا تہ مان توھان جي ڪم واري رفتار مان مطمئن ناھيان، منھنجو نقصان پيو ٿئي يا منھنجو خرچ پيو وڌي. اسان سڀني کي پنھنجن ادارن کي ڪاميابي سان ھلائڻ جي لاءِ، ۽ ڪامراني نصيب ڪرڻ واسطي ھڪٻئي تي اعتماد ڪرڻو ئي پوندو ۽ اعتماد سازي کي ھٿي وٺرائڻي پوندي. ھن ڪم جي لاءِ اسان کي اداري جي ھر سرگرمي سان لاڳاپيل پيراميٽرز کي سامھون رکڻو پوندو يعني ڪابہ ڳالھ لڪائڻي نہ پوندي. ھڪ مينيجمنٽ ٽِرڪ طور تہ اسان ڪافي شين کي رازداري ۾ رکڻ کي پسند ڪندا آھيون پر اڪثر اھا رازداري ئي مصيبتن ۽ بدناموسين جو وڏو سبب بڻجي پوندي آھي. اسان جا اھي نوجوان جيڪي سمجھن ٿا تہ ھنن سان ادارن اندر ناانصافي ٿي آھي ۽ پلاند طور پنھنجيون پوسٽون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي رکي پاڻمرادو ظلم جا داستان گھڙي بيان ڪندا رھندا آھن، انھن کي ۽ پوسٽن کي پڙھڻ ۽ وڊيوز کي ڏسڻ وارن کي ھي ضرور سوچڻ گھرجي تہ حقيقت اھا ناھي جيڪا توھان کي سوشل ميڊيا تي نظر اچي ٿي ۽، حقيقت ھي بہ ناھي ھوندي جيڪا مينيجمنٽ کي پوسٽن ۽ وڊيوز تي ڪمنٽس جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. ضروري آھي تہ بي اعتمادي مان جان ڇڏايون ۽ گھٽ ڪلامي کي وساري “وڌ ڪلامي” ڪيون تہ جيئن ملازمن ۽ مينيجمنٽ جي وچ ۾ ڪابہ اھڙي شئي پيدا نہ ٿئي، جيڪا اداري جي ساک کي ڇيهو رسائي.