ڪوئيٽا (م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته شهباز شريف جي حڪومت ناجائز آهي، هو وزارت عظميٰ جو حقدار ناهي.ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته پي ٽي آءِ باني حقيقي آزادي جي ڳالهه ڪئي، اسان حمايت ڪريون ٿا.هن چيو ته ادارا پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندا ته ملڪ قائم رهندو، جنهن جماعت حقيقي ووٽ کنيا، ان کي حق ملڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته اسان اهڙو پاڪستان ٺاهينداسين، جنهن ۾ سڀني قومن کي برابر حق ملن، جيڪڏهن ڪنهن احتجاج ڪيو، رستا بند ڪيا ته حڪومت کي اهو حق ناهي ته اها گولي هڻي.