حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) تاريخي پڪي قلعي جي ديوار ٽوڙائي پلازه تعمير ڪرائڻ سميت 7 پلاٽن جون ليزون ڏيڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته کاتي پاران ليزون رد ڪرڻ لاءِ ڪمشنر کي درخواست ڏني وئي هئي پر ان باوجود ليزون رد ناهن ٿي سگهيون ۽ ڪمشنر بلال احمد ميمڻ اهو چئي کاتي کان معذرت ڪري ڇڏي آهي ته ليزون رد ڪرڻ جا اختيار عدالتن کي آهن. ذريعن اهو به ٻڌايو ته 2013ع کان 2019ع تائين ڏنل ليزون رد ڪرڻ جا اختيار ڪمشنر وٽ هئا پر هاڻي اختيار نه هئڻ سبب هو بيوس آهي جنهن ڪري هن قديم ورثي جي ايراضي مان ڏنل پلاٽن واريون ليزون رد ڪرڻ کان انڪار ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پڪي قلعي جي ايراضي مان مختلف ماڻهن کي 2009ع کان 2012ع تائين پلاٽ الاٽ ڪيا ويا هئا ۽ ليزون پراڻيون هئڻ سبب هاڻي عدالت ئي رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي. ٻئي طرف ثقافت کاتي پاران به فورٽ ٿاڻي جي پوليس کي پلاٽ نمبر 1414 تي هلندڙ تعميراتي ڪم روڪڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو هو جنهن بابت ايس ايڇ او محمد علي ڌامراهه جو چوڻ آهي ته کين اهو ليٽر ته ناهي مليو پر اعليٰ عملدارن جي هدايتن بعد انهن پلازه جو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي. ثقافت کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سنڌو چانڊيو تصديق ڪئي ته کاتي پاران پوليس کي ڪم بند ڪرائڻ لاءِ ليٽر لکيو ويو هو جڏهن ته ڊي جي جي اسرار بعد انهن ڊپٽي ڪمشنر معرفت ليزون رد ڪرڻ لاءِ ڊويزنل ڪمشنر کي به لکت ۾ درخواست ڏني هئي پر اهو معاملو اڃا حل ناهي ٿي سگهيو. 9 مئي 2023ع تي سيٽلمينٽ سروي پاران پڪي قلعي جي ايراضي بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي هئي. ثقافت کاتي کي فراهم ٿيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته پڪو قلعو 38 ايڪڙ 10 گهنٽا ايراضي تي مشتمل آهي ۽ پڪي قلعي جي ايراضي مان مختلف هنڌن تي 7 پلاٽن جي شروعاتي طور ليز ڏني وئي جنهن بعد ليزون حاصل ڪندڙ ماڻهن اهي پلاٽ ٻين ماڻهن کي وڪرو ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪچي آبادي کاتي جي عملي پاران ايڇ ايم سي جي اسرار تي ڄاڻايل پلاٽن جون ليزون ڏنيون ويون هيون. ڪجهه پلاٽ ايڇ ايم سي پنهنجي نالي تي حاصل ڪيا جيڪي بعد ۾ ماڻهن کي وڪرو ڪيا ويا. سيٽلمينٽ سروي پاران جن پلاٽن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي انهن پلاٽن ۾ 1414، پلاٽ نمبر 859، پلاٽ نمبر 759، پلاٽ نمبر 760، پلاٽ نمبر 771، پلاٽ نمبر 761، پلاٽ نمبر 761/1، پلاٽ نمبر 762 ۽ پلاٽ نمبر 757 شامل آهن جيڪي جن ماڻهن کي الاٽ ڪيا ويا انهن کي رپورٽ ۾ فوتي به ڄاڻايو ويو آهي.