لاهور (م ڊ) اختيارن جي ناجائز استعمال واري ڪيس ۾ عثمان بوزدار جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، لاهور جي احتساب عدالت اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار کي عبوري ضمانت ۾ 5 ڊسمبر تائين واڌ ڏني آهي، لاهور جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار تي شراب جا لائسنسز جاري ڪرڻ لاءِ اختيارين جو ناجائز استعمال واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اڳوڻو وڏو وزير پيش  ٿيو، ٻڌڻي دوران جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب کي عثمان بوزدار جي گرفتاري گهربل آهي، ان تي پراسيڪيوٽر نيب جواب ڏيندي چيو ته اسان وٽ سندس گرفتاري جا وارنٽ ناهن، عثمان بوزدار جي وڪيل چيو ته اسان کي بحث لاءِ تاريخ ڏيو، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جڏهن گرفتاري وارنٽ ئي ناهن ته تاريخ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي مختصر ڪارروائي هلائي عثمان بوزدار جي عبوري ضمانت ۾ 5 ڊسمبر تائين واڌ ڪئي.