ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جو مستونگ لڪ پاس تي ڌرڻو ڏهين ڏينهن به جاري رهيو، لانگ مارچ کي ڪوئيٽا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي اختر مينگل جي نظربندي جا حڪم جاري ٿيڻ بعد اڄ صوبي ۾ هڙتال ڪئي ويندي. بي اين پي سربراهه اختر مينگل ڪوئيٽا ڏانهن مارچ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن بعد اختر مينگل جي نظربندي جو حڪم جاري ڪيو ويو، ترجمان بلوچستان حڪومت چيو آهي ته اختر مينگل کي ايم پي او کان آگاهه ڪيو ويو، اختر مينگل کي پيغام ڏنو ويو ته ڪوئيٽا ڏانهن وڌندا ته گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن اختر مينگل چيو آهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي رابطو ڪري مطالبا وزيراعظم سامهون رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي، مطالبا نه مڃيا ويا ته ڪوئيٽا ڏانهن وڌنداسين. جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بحال ٿيڻ بعد ٻيهر بند ڪئي وئي. ٻئي طرف صوبي جي مختلف علائقن ۾ سخت ڇڪتاڻ آهي ۽ مختلف روڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن جڏهن ته اڄ مڪمل هڙتال ڪئي ويندي. بي اين پي مينگل وفد بي اين پي عوامي جي قيادت سان ملاقات ڪئي جنهن بعد هنن به اڄوڪي هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. سبي ۾ 5ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. ڪوئيٽا ۾ 20 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتارڪيا ويا آهن. نوشڪي کان ڪوئيٽا ويندڙ روڊ پوليس بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي به هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.