اختر مينگل جي لانگ مارچ تي آپگهاتي ڌماڪو: حڪومت سان ڳالهيون، سرڪار مان خطرو آهي، عيد تي به ڌرڻو جاري رهندو: بي اين پي سربراهه

0
21
اختر مينگل جي لانگ مارچ تي آپگهاتي ڌماڪو: حڪومت سان ڳالهيون، سرڪار مان خطرو آهي، عيد تي به ڌرڻو جاري رهندو: بي اين پي سربراهه
اختر مينگل جي لانگ مارچ تي آپگهاتي ڌماڪو: حڪومت سان ڳالهيون، سرڪار مان خطرو آهي، عيد تي به ڌرڻو جاري رهندو: بي اين پي سربراهه

سبي/شهدادڪوٽ/ڪوئيٽا(رپورٽ: خرم شهزاد+امير علي مڱڻهار+م ڊ) ڪوئيٽا جي لڪ پاس جي هنڌ تي بلوچستان نيشنل پارٽي جي لانگ مارچ وٽ آپگهاتي حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. رپورٽ موجب ليويز ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڌماڪي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو آهي، ڌماڪو بي اين پي جي جاري ڌرڻي جي هنڌ کان ڪجهه فاصلي تي ٿيو، ذريعن موجب ڌماڪي ۾ بي اين پي قيادت ۽ ڪارڪن محفوظ رهيا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پوليس موجب تلاشي وٺن جي دوران شڪي شخص پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي جو آواز پري پري وارن علائقن ۾ به ٻڌو ويو، آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جي حوالي سان ڪي به اطلاع سامهون نه آيا آهن، بلوچستان  حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو آهي ته بلوچستان حڪومت واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي، لڪ وٽ آپگهاتي ڌماڪي جي هنڌ ڀرسان بلوچستان نيشنل پارٽي جو ڌرڻو جاري هو، سردار اختر مينگل ۽ بي اين پي جي سموري سياسي قيادت ۽ شرڪت ڪندڙ محفوظ آهن. ڌماڪي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار اختر مينگل چيو ته ”اسان کي ڪنهن به تنظيم کان ڪو خطرو ڪونهي، پر سرڪار کان خطرو آهي.“ هن الزام هنيو ته گذريل رات ڌرڻي تي بڪتربند گاڏي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن تي شيلنگ پڻ ڪئي وئي. هن چيو ته حڪومت ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي، پر اسان جو احتجاج پُرامن طور جاري رهندو، جيڪڏهن حالتون خراب ٿينديون ته ذميوار حڪومت هوندي. رات جو دير سان سردار اختر جان مينگل ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته خودڪش ڌماڪو اسان کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪرايو ويو. اها پهرين يا آخري حرڪت نه هئي اهڙا حملا پهرين به ٿيندا رهيا آهن. رات کان پيغام ڏنو پيو وڃي ته وچ وارو رستو ڪڍو، اسان جو جواب آهي ته وچون رستو عورتن جي آزادي آهي گرفتار عورتون آزاد ڪريو اسان واپس هليا وينداسين. عورتن جي آزادي جي بدلي گرفتار ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. مون کي هميشه لاءِ قيد ڪري ڇڏيو. جيستائين رستو نه ٿو ڏنو وڃي لڪپاس تي ڌرڻو جاري رهندو. عيد تي به هتي ويٺا رهنداسين. هن چيو ته اسان جي پرامن ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو. شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي وئي. ڪارڪنن تي بڪتربند گاڏيون چاڙهيون ويون. پنهنجي ننگن تي حملو ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين. عورتن جي آزادي کانسواءِ احتجاج ختم نه ڪنداسين. ٻئي پاسي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ٻڌايو ته بي اين پي قيادت سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ سرڪاري وفد جي سردار اختر مينگل سان ملاقات تي به اتفاق ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت بي اين پي قيادت ۽ عوام جي حفاظت جي ذميوار آهي، اسان سڀني مان سهڪار جي اميد رکون ٿا ته ڳالهين ذريعي صورتحال کي بهتر بڻائجي. ٻئي طرف قلات جي علائقي ۾ آپريشن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آپريشن آخري اطلاعن تائين جاري هو.