ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحافين، ليکڪن ۽ سماجي اڳواڻن نامياري صحافي ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اختر بلوچ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته اختر بلوچ صحافتي ميدان ۾ الڳ مقام حاصل ڪيو، سندس قلمي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۽ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران  ٿيل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي  صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اختر بلوچ جي لکڻين جو ڪمال اهو هوندو هو جو منهنجي نظر مان سندس سوشل ميڊيا جي پوسٽ کان وٺي ڪنهن ڪالم تائين ڪا به لکڻي گذرندي هئي ته اهو پڙهڻ کان رهي نه سگهندو هئس، هن چيو ته  آئون ڪيترن معاملن ۾ اختر بلوچ کان صلاح مشورو ڪندو هو،  انساني حقن واري ڪميشن جي سربراهه ۽ نامياري ليکڪ حارث خليق چيو ته اختر بلوچ جي لکڻين ۾ هڪ اهڙو تجسس هوندو هو، جو پڙهندڙ جيستائين پوري لکڻي نه پڙهي تيستائين اهو رهي نه سگهندو هو، هن انساني حقن واري ڪميشن سان گڏجي خانگي جيلن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي چيو ته اختر بلوچ جو ٻيو گهر ڪراچي پريس ڪلب هو، جتان هن پنهنجي تحقيق جو ڪم جاري رکيو هو، ڪلب جي لائبريري ۾ سندس ڪتابن جو ڪارنر ٺاهيو ويندو. ڪلب جي نائب ان موقعي تي صحافي مهيش ڪمار، اختر سومرو. اختر بلوچ جي ڀيڻ نصرت بلوچ، سندس  نياڻي خديجه اختر، پروفيسر توصيف احمد، سعيد جان بلوچ، سعيد سربازي، ارباب چانڊيو ۽ ٻين  اختر بلوچ  جون ساروڻيون ٻڌايون