احمدپور (ن پ ا) احمدپور لڳ ڳوٺ حاجي عبدالله ناريجو ڀرسان ابل واھ کي روڻ پئجي وئي، اطلاع تي ڳوٺاڻن پھچي پنهنجي مدد پاڻ تحت لڳل روڻ کي بند ڪري ورتو، آبپاشي عملو غائب خبر موجب احمدپور لڳ ڳوٺ حاجي عبدالله ناريجو ڀرسان ابل واھ کي روڻ پئجي وئي اطلاع ملڻ تي مختلف ڳوٺن جي ماڻهن پھچي روڻ کي بند ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن حاجي عبدالله ناريجو، ميان خان، پير بخاري، گهاٽا لوا، مالھي، ولي خان شنباڻي ۽ ٻين ڳوٺن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، ان ڏس ۾ مولوي عبدالرحمان ناريجو، وڪيل ممتاز ناريجو ۽ ٻين ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ابل واھ کي سندن ڳوٺ ڀرسان وڏي روڻ پئجي وئي هئي جيڪا سوين ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏي ڪوشش ڪري بند ڪري ورتي آھي جنهن ڪري 10 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏڻ واري خطري کان بچي ويا آهن ۽ اھڙو اطلاع آبپاشي عملي کي ڏيڻ باوجود به عملو نه پهتو آهي، ان موقعي تي ھنن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ابل واھ جون ڪڙون ڪپرون ڪمزور آھن جنھن ڪري روڻ پوڻ ۽ گهارا پوڻ روز جو معمول بڻيل آهن جڏهن ته ابل واھ جي ڪڙن ۽ ڪپرن جي مضبوطي لاءِ مرامتي ڪم ڪرائي رھواسين مان پريشاني ختم ڪئي وڃي.