احسن ڪارڪردگيءَ جو اڀ اکين پيو ڏسجي پر سنڌ جي منترين کي رڳو انگن اکرن ذريعي پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي مڃرائڻ تي زور آهي. پوءِ به انهن بريفنگس ۾ ڪوتاهي پنهنجي وجود جو ويساهه پئي ڏياريندي آهي. وزير اعليٰ هائوس ۾ تعليم کاتي بابت ٿيل اجلاس ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه بريفنگ ڏيندي چيو ته صوبي ۾ جملي 40991 اسڪول آهن، جن ۾ 36203 پرائمري، 15575 مڊل، 1051 ايليمينٽري، 1670 سيڪنڊري ۽ 492 هائير سيڪنڊري اسڪول آهن. هن چيو ته صوبي ۾ جملي 160473 استاد آهن، جن ۾ 107550 ماستر ۽ 53051 ماسترياڻيون آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ ڪل داخلا 5236307 آهي، جن ۾ 3081696 شاگرد ۽ 2154611 شاگردياڻيون شامل آهن. اجلاس کي تعليم واري وزير ٻڌايو ته 36203 پرائمري اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. خانگي اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو شاگردن کي مفت تعليم ڏيڻ بابت وزير تعليم ٻڌايو ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ واري نظام تي عملدرآمد لاءِ انسپيڪشن ڪاميٽيون جوڙيون آهن. تعليم کاتي خانگي اسڪولن کي سنڌي ۽ اردو ٻولي جا مضمون پڙهائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون آهن. تعليم واري وزير سردار شاهه اجلاس ۾ اهو اعتراف پڻ ڪيو ته 5159 اسڪول بنا عمارتن جي هلي رهيا آهن. انهن لاءِ عمارتون تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي
سنڌ ۾ سرڪاري تعليم جو شعبو سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيل آهي، جتي تعليم لاءِ نه ڪو مناسب ماحول آهي، نه ئي وري سهولتون آهن. اسڪول قيدخانا بڻيل آهن، جتي ٻارڙا ڪُجهه وقت لاءِ واڙيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ هزارين اسڪول بند آهن، جيڪي اسڪول آهن انهن ۾ به سهولتون نه آهن. اسڪولن کي عمارتون نه آهن ۽ عمارتون آهن ته فرنيچر نه آهي. سنڌ ۾ گهڻائي اهڙن اسڪولن جي آهي، جتي نه بجليءَ جي سهولت آهي، نه وري پاڻي ميسر آهي. نه واش روم آهن ۽ نه وري چوديواري. ايتريقدر جو نياڻين جي اسڪولن ۾ به واش روم ۽ چويديواريءَ جي سهولت نه آهي. تعليم جو فائدو تڏهن ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن تعليم جي حوالي سان موافق ۽ مناسب ماحول ميسر هجي. سنڌ ۾ گهڻيون عمارتون آهن، جيڪي تباهه حال ۽ زبون هجڻ جي ڪري استادن ۽ ٻارڙن جي حياتين لاءِ مسلسل خطرو بڻيل آهن. جنهن جو تازو مثال ميرواهه گورچاڻي ڀرسان گورنمينٽ پرائمري اسڪول کنڀڙي ۾ صفائيءَ دوران ڇِت ڪري پئي، جنهن جي ڪري هيڊ ماستر مرڻينگ ٿي ويو، جنهن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچيءَ منتقل ڪيو ويو آهي. اهڙين خطرناڪ حالتن ۾ تعليم جو ڪهڙو تصور؟ هن وقت موڪلون آهن پر اسڪول کليل هجن ها ۽ شاگردن جي حياتين کي هاڃو رسي ها ته ڪير ذميوار هجي ها؟ ڄاڻايل اسڪول جي حوالي سان اهو موقف رپورٽ ٿيو آهي ته، اسڪولي عمارت جي زبون حاليءَ جي حوالي سان تعليمي عملدارن کي آگاهه ڪيو ويو هو. سنڌ ۾ هن وقت به هزارين اهڙا اسڪول آهن، جيڪي شاگردن جي حياتين لاءِ خطري جي تلوار بڻيل آهن. ڇا تعليم کاتي طرفان اهڙن اسڪولن جي سروي ڪرائي وئي آهي؟ سنڌ جي تعليم واري وزير 5159 اسڪول بنا عمارت جي هلڻ جو جيڪو اعتراف ڪيو آهي، اهو خود تعليم کاتي تي چارج شيٽ مڙهڻ جي مترادف آهي. جيڪڏهن سراسري طور تي انهن بنا عمارت هلندڙ اسڪولن ۾ شاگردن جو تعداد في اسڪول 100 ڳڻجي ته ان حساب سان سنڌ ۾ 5 لک کان وڌيڪ اهڙا شاگرد آهن، جن کي تعليم پرائڻ لاءِ اسڪول جي عمارت ميسر نه آهي. جڏهن اسڪول جي عمارت ئي نه آهي ته پوءِ ٻيون ڪهڙيون سهولتون هونديون؟ ڳالهه صرف ايتري ئي نه آهي، سنڌ ۾ هزارين اسڪول اهڙا به آهن، جيڪي بند پيل آهن ۽ انهن جي عمارتن ۾ مال جا واڙا ۽ ڀاڻ جا گودام ٺهيل آهن، جنهن جو پڻ مختلف وقتن تي سرڪاري سطح تي اعتراف ٿيندو رهيو آهي. تعليم واري وزير طرفان اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ وارو اعلان اکين تي، پر جيڪي اڳ ۾ ئي اسڪول موجود آهن، انهن کي ته سهولتون ڏيو.
تعليم جي خانگي شعبي کي منافعي جو ميدان مهيا ڪرڻ لاءِ منظم طريقي سان تعليم جو سرڪاري شعبو تباهه ڪيو ويو آهي. سرڪار خانگي تعليمي ادارن تي ڪَک به نٿي سهي. هر ڀيري اهي اعلان ڪيا وڃن ٿا ته، سنڌي/اردو (مادري ٻولي) نه پڙهائيندڙ اسڪولن جا لائسنس رد ڪيا ويندا پر اهو ٻُڌائڻ جي ڀلا زحمت ڪئي ويندي ته، ان سلسلي ۾ هيستائين ڪيترا لائسنس رد ڪيا ويا آهن؟ باقي جيتريقدر 10 سيڪڙو مستحق شاگردن جي خانگي تعليمي ادارن ۾ مفت تعليم واري اعلان تي عمل جو سوال آهي ته اڳ ۾ ڀلا خانگي اسڪول وارن ڪهڙن سرڪاري فيصلن تي عمل ڪيو آهي؟ ڪڏهن انهن خانگي اسڪولن جي آڊٽ ڪرائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي ته اهي ڪيتري فِي وٺن ٿا ۽ ڪيترو ٽيڪس ڏين ٿا؟ حد ته اها آهي جو موڪلن وارن مهينن جي به شاگردن کان فِي ورتي وڃي ٿي. اسڪول ڊريس، ڪتاب، اسٽيشنري- مطلب ته هر شئي تان خانگي اسڪولن وارا ڪمائين ٿا.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سنڌ جي سرڪاري شعبي جي تباهه ٿيل تعليم کي وڌيڪ تباهه نه ڪيو وڃي. اسڪولن کي عمارتون، بجلي/سولر لائيٽ، فرنيچر، پاڻي، واش روم ۽ چوديواريءَ جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ۽ تعليم لاءِ مناسب سهولتون ۽ ماحول ڏنو وڃي.