اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احسن ڀون ٻن سالن لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر بڻجي ويو، پاڪستان بار ڪونسل احسن ڀون کي جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پاڪستان بار ڪونسل جو چوڻ آهي ته احسن ڀون 14 ووٽ حاصل ڪيا، 4 ميمبرز مخالفت ڪئي، هڪ ميمبر پنهنجي راءِ نه ڏني، 2 ڏينهن اڳ پاڪستان بار ڪونسل جي نمائندي اختر حسين جڊيشل ڪميشن جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏني هئي.