اسلام آباد (م ڊ) رٿابندي بابت اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ جو ذميوار واپار واري اڳوڻي وزير نويد قمر کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. احسن اقبال چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت کنڊ گھرائڻ بابت فيصلو واپار واري وزارت جي سمري تي ڪيو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته کنڊ جي اسمگلنگ ، ڪارٽيلائزيشن ۽ مافيا کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته کنڊ جي برآمد بابت واپار واري وزارت ئي ٻڌائي سگهي ٿي. واپار واري وزارت يقين ڏياريو هوندو ته کنڊ جھجھي مقدار ۾ موجود آهي، ڇو جو ناڻي واري وزارت جي سمري تي ڪابينا ۾ فيصلو ٿيندو آهي. هن چيو ته کنڊ امپورٽ ايڪسپورٽ جو فيصلو واپار واري وزارت ڪندي آهي.