ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون چيئرمين ڪير ٿيندو، ان حوالي سان سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي مختلف افواهه گردش ڪري رهيا آهن. ميڊيا رپورٽس موجب وزير اعظم عمران جي ويجهن ذريعن وٽان پتو پيو آهي ته احسان ماني پي سي بي چيئرمين طور ڪم جاري رکي سگهي ٿو. واضح رهي ته ان کان اڳ اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته وزير اعظم عمران خان پي سي بي چيئرمين تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ ڪمنٽيٽر رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون سربراهه مقرر هوندو. هاڻ احسان ماني پي سي بي جو چيئرمين رهندو يا رميز راجا کي ذميواريون ملنديون، ان حوالي سان وزير اعظم عمران خان جي حتمي فيصلي جو انتظار آهي، پر ان کان اڳ جيڪي افواهه گردش ڪري رهيا آهن، انهن موجب احسان ماني کان عهدو واپس وٺڻ وارو فيصلي تان عمران خان ڦري ويو آهي ۽ مخالف ڌر جي تنقيد بعد احسان ماني کي ئي ڪجهه سالن لاءِ واڌ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.