لاهور (اسپورٽس نيوز) وزيراعظم عمران خان قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رميز راجه کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس رميز راجه کي فون ڪري پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جو اطلاع ڏنو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر رميز راجه پي سي بي چيئرمين جو عهدو ملڻ جي تصديق ڪندي چيو ته پي سي بي چيئرمين بڻجڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي اعتماد تي ٿورائتو آهيان، مونکي عوام جي سپورٽ ۽ دعائن جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي غير ملڪي ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي رميز راجه چيو ته پي سي بي چيئرمين جو عهدو قبول ڪيو آهي، هدف حاصل ڪري ڏيکاريندس، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو جي پي ايس تبديل ڪري ڇڏيندس. هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي موجوده چيئرمين احسان ماني بابت خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته کيس ڪم جاري رکڻ جي اجازت ملي وئي آهي پر هاڻ احسان ماني پاڻ ئي ڪم جاري رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي احسان ماني چيو ته پي سي بي چيئرمين طور وڌيڪ ڪم جاري نٿو رکي سگهان.