احسان شاھ ۽ راجا شاھ خانداني ملڪيت مان بي دخل ڪيو آھي: مدثر شاھ

0
285

ھمايون شريف (ن پ ا) درگاھ حاجن شاه حضوري جي گادي نشين جي خاندان ۾ ملڪيت جو تڪرار تيز ٿي ويو، سيد مدثر شاھ پاران پريس ڪانفرنس ڪئي وئي آھي، سيد مدثر شاھ جو چوڻ آھي تھ سيد احسان شاھ ۽ راجا شاھ اسان کي خانداني ملڪيت مان هٿيارن جي زور تي بي دخل ڪيو آهي، جوابدار بااثر آهن، اسان کي قتل ۽ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مون کي ۽ منهجي خاندان کي ڪجھ به ٿيو ته ذميوار احسان شاھ، راجا شاھ هوندا، سيد مدثر شاھھ سنڌ جي وڏي وزير، ايس ايس پي جيڪب اباد کان مطالبو ڪندي چيو ته انصاف ڏياري ملڪيت جو حصو ڏنو وڃي.