ڪراچي ( اسپورٽس ڊيسڪ ) پاڪستان جي نامور ميزبان ۽ اداڪار احمد علي بٽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کان معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. بابر اعظم گذريل ڏينهن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي جِم جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو سخت ورزش ڪندي نظر اچي رهيو آهي. پاڪستاني ڪپتان وڊيو جي ڪيپشن ۾ ” ورڪ “ لفظ لکيو جنهن کانپوءِ مداحن طرفان پوسٽ تي تبصرن جي لائن لڳي وئي. اداڪار احمد علي به اِها پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪئي بابر اعظم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. اداڪار لکيو ته جم بدران اسٽيڊيم ۾ اوهان جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري ان تي اوهان کي پنهنجي ملڪ کان معافي وٺڻ گهرجي ۽ وضاحت به پيش ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ لکيو ته ”احساس هجي ته شرم به اچي نه“  ان سان گڏوگڏ ان اسٽوري تي احمد علي بٽ هيش ٽيگ ۾ ” ناٽ ماءِ ڪيپٽن “ لکيو.