ڪيليفورنيا(شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز اداڪار احد رضا مير ۽ دنانير مبين جي ڊيٽنگ جون افواهون ٻيهر تيز ٿيڻ لڳيون آهن.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ نئين وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ احد رضا مير ۽ دنانير مبين ڪجهه ٻين ماڻهن سان گڏ ڪيليفورنيا جي ساحل تي لنچ ڪندي نظر اچي رهيا آهن.هي وڊيو سوشل ميڊيا تي جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي آهي، جنهن سان احد ۽ دنانير جي وچ ۾ لاڳاپن جي افواهن کي تيز ڪيو ويو آهي. وڊيو ٿوري ڌنڌلي آهي، پر انسٽاگرام پيجز دعويٰ ڪري رهيا آهن ته اها ممڪن طور تي احد رضا مير ۽ دنانير مبين جي وڊيو آهي.هن وڊيو ۾ احد ۽ پاري گرل پنهنجي ڪٽنب يا دوستن سان گڏ نظر اچن ٿا. پر، هن وڊيو سوشل ميڊيا تي هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي. ڪجهه صارفين جو چوڻ آهي ته احد رضا مير ۽ دنانير گڏ سٺا لڳي رهيا آهن ، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن سجل کان طلاق کانپوءِ دنانير کي احد کان پري رهڻ جو مشورو ڏنو.