سکر (بيورو رپورٽ) خوراڪ کاتي گهوٽڪي ۾ 70 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن وارو ريفرنس، احتساب عدالت نثار کهڙو ۽ ٻين کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ واري نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي، احتساب عدالت ڪيس مان پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو، سيڪريٽري سجاد عباسي ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر فوڊ بچل راهپوٽو کي ڪرپشن جاچ ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪندي ريفرنس ۾ نامز نه ڪيو، نيب سکر پاران خوراڪ کاتي گهوٽڪي جي ڪيلاش پنشي ريفرنس ۾ وڌيڪ ٽن ڄڻن پ پ اڳواڻ نثار کهڙو، سيڪريٽري فوڊ سجاد عباسي ۽ ڊائريڪٽر فوڊ بچل راهپوٽو کي جاچ ۾ شامل ڪري ريفرنس ۾ نامزد ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي هئي، واضح رهي ته نيب سکر پاران خوراڪ کاتي گهوٽڪي ۾ ڪيلاش پنشي ۽ ٻين جوابدارن خلاف 70 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو ريفرنس داخل ڪيو ويو هو.