اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا، اسحاق ڊار پنهنجي وڪيل سميت احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي آڏو پيش ٿيو، عدالت گرفتاري وارنٽ رد ڪندي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، وڪيل چيو ته اسحاق ڊار جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو آرڊر به ختم ڪيو وڃي. اسحاق ڊار هاڻ عدالت جي سامهون موجود آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير چيو ته ڇا نيب پاڻ به اسحاق ڊار جا ڪي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.؟ جاچ آفيسر نادر عباس جواب ڏنو ته اسان وارنٽس جاري ڪيا هئا پر اهي معطل ٿي ويا هئا. عدالت صرف اسحاق ڊار جي حاضري لاءِ وارنٽس جاري ڪيا هئا. عدالت نيب کان سوال ڪيو ته هاڻ اوهان جو ڪهڙو موقف آهي. وارنٽس رد ڪيا وڃن يا نه.؟ نيب پراسيڪيوٽر به وارنٽس رد ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. اسحاق ڊار جي وڪيل چيو ته اسحاق ڊار کي هڪ ڪانفرنس جي لاءِ پرڏيهه وڃڻو آهي. جج محمد بشير چيو ته ضمني ريفرنس به آيو آهي ان جي تحت ٻيهر فرد جرم لاڳو ٿيو آهي. اسحاق ڊار طرفان ملڪيت کي ضبط ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي اسحاق ڊار حاضري کان مستقل ڇوٽ جي به درخواست داخل ڪئي. اسحاق ڊار جي ٻنهي درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪيو ويو جنهن کان پوءِ اسحاق ڊار خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ اربع تائين ملتوي ڪئي وئي. اسحاق ڊار جي حاضري کان معافي ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ خلاف درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪيو ويو. احتساب عدالت نيب کان 12 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪري ورتو.