ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سنڌ صوبي جون خاص عدالتن ۾ تبديل ڪيل 10 احتساب عدالتون ٻيھر بحال، ھڪ دفعو ٻيھر نيب عدالتن جون ويرانيون روشنين ۾ تبديل ٿي وينديون، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ 29 آگسٽ 2023 تي صوبي جي 10 احتساب عدالتن کي خاص عدالتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ھو، قانون واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي 10 احتساب عدالتن کي بينڪنگ، اسپيشل ڪورٽ ڪسٽم، اسپيشل ڪورٽ ۽ اينٽي نارڪوٽڪس عدالتن ۾ تبديل ڪيو ويو  ھو. ڪراچي جي 5 احتساب عدالتن کي خاص عدالتن ۾ تبديل ڪيو ويو ، جڏهن ته حيدرآباد جي 2 احتساب عدالتن کي بينڪنگ ڪورٽن ۾ تبديل ۽ ميرپورخاص ۽ دادو جي ھڪ ھڪ عدالت کي خاص عدالت ۾ تبديل ڪيو ويو ھو، جڏھن ته سکر جي 3 احتساب عدالتن کي بينڪنگ ڪورٽ گهوٽڪي، شهيد بينظير آباد ۽ اسپيشل ڪورٽ سکر ۾ تبديل ڪيو ويو ھو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ صوبي جون 12 خاص عدالتون ٻيھر پنھنجي پوزيشن ۾ بحال ٿي ويون آھن.