احتجاج ۽ وڳوڙن ۾ فرق هجڻ گهرجي!

0
19
تڪراري ڪينالن جي تعمير ملڪ جي استحڪام جي قيمت تي؟

24 نومبر کان شروع ٿيل پي ٽي آءِ جي احتجاج جي “پهرين ڌمال” اسلام آباد ۾ شروع آهي. پي ٽي آءِ جا ڪارڪن سموريون رڪاوٽون ٽوڙي وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد پهچي ويا آهن. توڙي جو انتظاميا اسلام آباد کي ڪنٽينرستان بڻائي ڇڏيو هو پر احتجاج ڪندڙ سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ڊي چوڪ پهچي ويا پر امن احتجاج جي دعوائن جي پت تڏهن وائکي ٿي، جڏهن احتجاج پرتشدد رخ ورتو. صحافين کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. حڪومت طرفان هڪ پوليس اهلڪار جي احتجاج ڪندڙن جي تشدد ۾ شهيد ٿيڻ ۽ 100 کان وڌيڪ اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. هڪ گاڏي ٽن رينجرز اهلڪارن کي چِيڀاٽي ماري ڇڏيو، جنهن لاءِ پڻ حڪومت طرفان اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته، اها گاڏي احتجاجين واري طرف کان تيز رفتاريءَ سان آئي. رينجرز اهلڪارن جي شهادت کان پوءِ حڪومت اسلام آباد ۾ فوج طلب ڪري ورتي آهي. احتجاج جي قيادت پي ٽي آءِ بانيءَ جي گهرواري بشريٰ بي بي ۽ علي امين گنڊاپور ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ قيادت پڻ ڪيترن ئي ڪارڪنن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. بشريٰ بي بي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، بانيءَ جي آزاديءَ کان سواءِ ڌرڻو ختم نه ڪبو، جڏهن ته هِي سِٽون لکجڻ تائين اهي خبرون آهن ته، رينجرز پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ٻاهر تَڙي، ڊي چوڪ جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پرتشدد ڌرڻي جي منظرن نه رڳو ملڪ اندر پر عالمي سطح تي پڻ گهڻي مايوسي پيدا ڪئي آهي. هن ڌرڻي دوران صحافين تي ٿيندڙ تشدد صحافتي آزاديءَ جي ماحول کي ڌڪ رسايو آهي. صحافتي برادريءَ تي اهڙيون ڪارروايون نه صرف انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن، پر جمهوري قدرن جي ھيڻائيءَ جو به ثبوت ڏين ٿيون. احتجاج جون واڳون “ڳُجھي قيادت” جي ھٿ وس ھجڻ جون ڳالھيون به حڪومتي ذميوارن طرفان ٿي رھيون آهن. وفاقي گھرو وزير چوي ٿو ته، پي ٽي آءِ باني سميت مک اڳواڻ ڌرڻي جي متبادل ھنڌ واري سرڪاري آڇ تي راضي ٿي ويا ھئا، پر “ڳجھي قيادت” ائين ڪرڻ نه ڏنو. ظاھر آهي ته اھي “ڳجھا ھٿ” ملڪ ۾ افراتفري ۽ بيچينيءَ کي وڌيڪ هوا ڏئي سگهن ٿا. اهڙا قدم جمهوري نظام کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ماڻهن جي اعتماد کي لوڏڻ جي سازش ٿي سگهن ٿا، جيڪي قوم جي استحڪام لاءِ نقصانڪار آهن. اھا ڳالھ مشاھدي ۾ ايندي رھي آهي ته، پي ٽي آءِ ھميشه ان وقت ڌرڻن ۽ مارچ جو سلسلو شروع ڪندي آهي، جڏهن ٻاھرين ملڪن جي قيادت جي پاڪستان اچڻ جو شيڊيول طئي ٿيندو آهي. پڙھندڙن کي ياد ھوندو ته، جنهن وقت چيني صدر سي پيڪ جهڙن معاهدن لاءِ پاڪستان اچي رهيو هو، ان وقت پي ٽي آءِ سڄي اسلام آباد  کي يرغمال بڻائي ورتو ھو. نيٺ اهو دورو ملتوي ٿي ويو. صرف اھوئي نه، جڏهن سي پيڪ جو پهريون قافلو برهان انٽرچينج مان گذري رهيو هو، ان وقت خيبر پختونخوا جو وڏو وزير پرويز خٽڪ ساڳي جڳهه تي پنهنجي انصافي لشڪر سان گڏ “وڏي ڪٻل” کيڏي رهيو هو. ڳالھ رڳو اتي ئي دنگ نٿي ڪري، جنهن وقت ايس سي او ڪانفرنس لاءِ 10 کان وڌيڪ ملڪن جا سربراهه اسلام آباد اچي رهيا هئا، ان دوران ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور اسلام آباد تي ڪاھ ڪري رهيو هو ۽ جڏهن بيلاروس جي صدر جي اسلام آباد آمد ٿي ته، ساڳئي وقت عمران خان جي گھرواري ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير گنڊاپور وڏي مجموعي سان اسلام آباد ۾ داخل ٿي رهيا هئا.

پرتشدد احتجاج ۽ سياسي انتشار جو ملڪ جي معيشت تي به تمام وڏو اثر پيو آهي. ڌرڻن ۽ احتجاجن جي ڪري ڪاروباري سرگرميون معطل ٿي وڃن ٿيون، سيڙپڪاريءَ جا موقعا گهٽجي وڃن ٿا ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد ختم ٿي وڃي ٿو. ان کان علاوه، عالمي سطح تي ملڪ جي وقار کي پڻ ڌڪ رسندو آهي، ڇو ته سياسي عدم استحڪام جي تصوير ڪنهن به ملڪ جي لاءِ مثبت نه هوندي آهي.  حڪومت جي ناڪامي هن معاملي ۾ تمام گهڻي واضح ٿي چڪي آهي. نه رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارا صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن، پر حڪومت امن قائم رکڻ ۽ سياسي جماعتن کي ڳالهين ذريعي راضي ڪرڻ ۾ به مڪمل طور تي بيوس نظر آئي آهي.

اهو وقت آهي ته ملڪ جي سياسي اڳواڻن کي ذاتي مفادن کان مٿي ٿي قوم ۽ ملڪ جي بهتريءَ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. پرتشدد احتجاجن ۽ صحافين تي تشدد جهڙين حرڪتن جي سخت مذمت ٿيڻ گهرجي، ۽ حڪومت کي ملڪ جي استحڪام ۽ وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ تڪڙا ۽ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا.