احتجاج نامناسب: اهو ممڪن ناهي ته حڪومت سان به اپوزيشن ڪجي ۽ اپوزيشن سان به اپوزيشن؟ فضل الرحمان

0
15
احتجاج نامناسب: اهو ممڪن ناهي ته حڪومت سان به اپوزيشن ڪجي ۽ اپوزيشن سان به اپوزيشن؟ فضل الرحمان
احتجاج نامناسب: اهو ممڪن ناهي ته حڪومت سان به اپوزيشن ڪجي ۽ اپوزيشن سان به اپوزيشن؟ فضل الرحمان

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو احتجاج نامناسب آهي، مسلسل ڪالز سبب احتجاجن جي اهميت ئي نٿي رهي، ان سان پي تي آءِ وائکي ٿي رهي آهي، اهو ممڪن ناهي ته حڪومت سان اپوزيشن ڪجي ۽ اپوزيشن سان به اپوزيشن ، پي ٽي آءِ سان ڪجهه معاملن تي گڏ هلي سگهجي ٿو، خانگي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ موثر حڪمت عملي ٺاهڻ وارا ماڻهو موجود ناهن. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا چيو ته پي ٽي آءِ طرفان 24 نومبر تي احتجاج جي ڪال جو وقت مناسب ناهي، اسين اڳوڻي وزيراعظم عمران جي حڪومتي دور ۾ سڄي ملڪ ۾ 14 ملين مارچ ڪيا جيڪڏهن اسين هاڻي احتجاجي حڪمت عملي جوڙيندا آهيون ته ان کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيندا آهيون، اسين نه روڊ بند ڪندا هئاسين نه ملڪيتن کي نقصان رسائيندا هئاسين، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي جلسن، احتجاج ۽ مظاهرا ڪرڻ جي مڪمل آزادي هجڻ گهرجي پر جنهن انداز سان اهي وائکا ٿي رهيا آهن تمام سٺي ڳالهه آهي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ٻه پارٽيون جيڪڏهن اپوزيشن ۾ ويهي ويون ته ان جو فائدو کڻڻ ئي حقيقت ۾ سياسي حڪمت آهي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي حڪومت سان ناراضگي بابت جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي حوالي سان جيڪڏهن ڪيرچوي ته اهي حڪومت ۾ آهن ته آئون ان ڳالهه کي نٿو مڃان، اها پارٽي ته حڪومت جو سهارو آهي، ان سبب سان ان قسم جا مرحلا ايندا رهندا. وي پي اين جي پابندي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسلامي نظرياتي ڪونسل ان حوالي سان غير ضروري بيان ڏنو اهو ڪم حڪومت جي ذميداري آهي.