ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سياسي پارٽين کي ڪينال معاملي تي پرامن احتجاج جو آئيني حق آهي. ڪا به پارٽي جيڪا مظاهرا، ريليون، جلوس يا احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي، ان کي حڪومت کي آگاهه ڪرڻ گهرجي ۽ کليل ميدانن يا هنڌن تي احتجاج ڪرڻ گهرجي جتي عوام کي مشڪلاتن جو منهن نه ڏسڻو پوي. هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته احتجاج ۽ اختلاف راءِ هر جمهوريت جو روح آهي، پر احتجاج اهڙا نه هجڻ گهرجن جيڪي ماڻهن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجن. رستن جي بندش سبب، ڍورن ۽ مال جي چرپر ۽ خوراڪ جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.هن چيو ته عوام هن وقت مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ۽ هر تنظيم ۽ گروهه کي گذارش آهي ته روڊ بلاڪ نه ڪن، احتجاج اهڙي طرح ڪن ته جيئن ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ رهي ۽ عام شهرين کي ڪنهن به قسم جي مشڪلاتن يا مسئلن کي منهن نه ڏيڻو پوي. اهڙن قدمن کان پاسو ڪيو وڃي جيڪي مريضن کي اسپتال وڃڻ، ٻارن کي اسڪول وڃڻ يا ڪم تي ٻاهر ويندڙ ماڻهن کي روڪين.