احتجاج جو هو طريقو مناسب نه آهي!

0
31
پوليس تي حملا ۽ وزير باتدبير جو موقف
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ کان پوءِ حڪومت سازيءَ ڏانهن سفر شروع ٿي ويو آهي. پاور شيئرنگ وارو فارمولو طئي ٿيڻ کانپوءِ اسيمبلي ميمبرن جي حلف کڻڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪالهه پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرن کي حلف کڻايو ويو ۽ اڄ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي حلف کڻائڻ جي لاءِ اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪندڙ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ڄامشوري ۽ موري ۾ احتجاجي ميڙاڪا ڪرڻ کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ حلف برداريءَ جي تقريب کي روڪڻ لاءِ اڄ سنڌ اسيمبليءَ جي گهيراءُ جو چتاءُ ڏنو آهي.

8 فيبروري تي ٿيل چونڊون ملڪي تاريخ جون چونڊ نتيجن جي حوالي سان انتهائي تڪراري چونڊون رهيون آهن. کٽندڙ توڙي هارائيندڙ، شايد ڪا به اهڙي ڌُر نه آهي، جيڪا ڌانڌلين جون دانهون نه ڪندي هُجي. هر ڀيري ٿيندو ائين آهي ته، سخت اعتراضن جي باوجود  سسٽم کي هلڻ ڏنو ويندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت، جيتري نِج، نِبار ۽ اصلي آهي، اهو ته اُڀ اکين پيو ڏسجي پر طالع آزما قوتن جي رستي روڪ ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي ڪؤڙي گوري کاڌي ويندي آهي. هن ملڪ ۾ جمهوريت جو ٻُوٽو اُسري ۽ نسري نه سگهيو آهي، جنهن جو ڦل عوام کائي سگهي، ڇو ته غير جمهوري قوتن جمهوريت کي جٽاءُ ڪرڻ نه ڏنو آهي، ته ساڳئي وقت سياسي ڌُرين به اها ساڳي ڪار ڪئي آهي، جيئن 1977ع ۾ ڪيو ويو. ان ڪري هن وقت سياسي ڌُرين کي ماضيءَ مان سکڻ جي ضرورت آهي. ڌانڌلين خلاف عدالتن سان رجوع ڪرڻ جو قانوني دڳ موجود آهي، اها هڪ بهتر ۽ قانوني واٽَ آهي، ڇو ته رليف وري به عدالتن مان ئي ملي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڌانڌليون ٿيون آهن ته، اُن لاءِ احتجاج جا ٻيا به رستا آهن، سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪرڻ ڪهڙي ڏاهپ ۽ جمهوريت پسندي آهي؟ هڪ طرف احتجاج ڪندڙ ڌُريون اليڪشن کي ‘انجنيئرڊ’ قرار ڏئي اُن جو ذميوار اسٽيبلشمينٽ کي سمجهن ٿيون. خود ڄامشوري واري احتجاج ۾ پڻ پير صاحب پاڳاري جي تقرير ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ميار ڏني وئي هئي، چونڊيل ايوان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ ميڊيا جي هن تيز ترين دور ۾ سڄي دُنيا اسان کي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي ذريعي ڏسندي رهي ٿي، اسين دُنيا کي پنهنجي جمهوريت پسنديءَ جي دعويداريءَ بابت ڪهڙو تاثر جوڙڻ جا موقعا ڏئي رهيا آهيون؟ حلف کڻڻ کان روڪرائڻو آهي ته، ان لاءِ عدالتي طريقو موجود آهي، قانوني رستو موجود آهي. ايوان جو به هڪ تقدس آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ پائمال نه ٿيڻ گهرجي. اسيمبلي جي گهيراءُ واري عمل سان جمهوريت سان ازلي وير رکندڙ قوتن جو ڪم سهل ٿيندو، جنهن سبب سسٽم پٽڙيءَ تان لهي سگهي ٿو. هن وقت ملڪ شديد بحرانن جو شڪار آهي، جن مان معاشي بحران هن ملڪ کي ڌوڏي ڪئين خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. مٿان وري سياسي غير جٽاداري حالتون ويتر ابتر ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهو سلسلو بيهڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. ويتر ان ۾ پنهنجو حصو ملائي بحرانن کي مهميزون هڻڻ ڪنهن به ريت ملڪي مفاد ۾ نه آهي. جي ڊي اي جي احتجاج ۾ ٻين سياسي ڌُرين جي شامل ٿيڻ سان اهو احتجاج جي ڊي اي جو نه رهندو، ڇو ته جي ڊي اي هڪ ننڍڙو اتحاد آهي، ٻيون وڏيون سياسي ڌُريون ان احتجاج کي هاءِ جيڪ ڪري، ان کي انارڪي جي رُخ ۾ وٺي وڃن ٿيون ته، جي ڊي اي ان احتجاج جي ذميواري، ان جي سرواڻ جي حيثيت ۾ قبول ڪندي؟ سواءِ افراتفريءَ جي ان مان ڇا هڙ حاصل ٿيندو؟ نئين سر چونڊون ڪرائڻ ته سنڌ اسيمبليءَ جي اختيار ۾ ڪونهي، ان سان سنڌ ۾ سياسي ٽڪراءُ واري صورتحال جنم وٺي سگهي ٿي.

اسان ان راءِ جا آهيون ته، مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج جا ٻيا قانوني گس موجود آهن، اسيمبليءَ جو گهيراءُ ڪري ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪڻ واري ڪوشش انارڪي ۽ تشدد وارن غير صحتمند روين کي جنم ڏيندي، ان ڪري جمهوريت جي دعويدار ڪنهن به ڌُر کي اهو زيب نٿو ڏئي. ٻيو ته ان احتجاج ۾ اتحاد کان ٻاهرين ڌُرين شامل ٿي پنهنجي مخصوص ايجنڊا تي عمل ڪيو ته جي ڊي اي قيادت ان جو بار کڻي نه سگهندي.