ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جا ٻه سپر اسٽارز اجي ديوگن ۽ اڪشي ڪمار هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ وڏي اسڪرين تي نظر ايندا، پر هن ڀيري هڪ خاص فرق سان گڏ! اجي ديوگن، جيڪڏهن ڪيترين ڪامياب فلمن جي هدايتڪاري ڪري چڪو آهي، هاڻي اڪشي ڪمار کي پنهنجي ايندڙ فلم ۾ ڊائريڪٽر ڪندو، ان ڳالهه جو اعلان ٻنهي اداڪارن هندوستان ٽائمز ليڊرشپ سمٽ  2024ع دوران ڪيو، اجي ديوگن تصديق ڪندي چيو ته اسان پهرين ئي ان پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، جتي مان هدايتڪاري ڪندس ۽ اڪشي فلم جو حصو هوندو، جڏهن ته انهن فلم جي ڪهاڻي يا نوعيت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو ۽ چيو اڃا ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، اڪشي ڪمار پنهنجي مخصوص مزاحيه انداز ۾ چيو مان پاڻ اسڪرپٽ موڪلي ڇڏيندو آهيان!، جنهن تي موجود ماڻهو کلڻ لڳا، ان تقريب ۾ اڪشي ڪمار “هيرا ڦيري 3” تي به ڳالهايو، هن مذاق ڪندي چيو ته فلم جي شوٽنگ تڏهن شروع ٿيندي، جڏهن پروڊيوسر فيروز نادياوالا جي “هيرا ڦيري” ختم ٿيندي.