دوڙ (ن پ ا) دوڙ ۾ پروفيسر شھيد اجمل ساوند جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ سياسي سماجي تنظيمن پاران بينظير پيٽرول پمپ کان پريس ڪلب دوڙ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ذوالفقار خاصخيلي، عبدالحادي سومرو، حاجي فيروز پٺاڻ، سرور خاصخيلي، ڊاڪٽر منظور جلباڻي، حبيب احمد شاھ، مجاهد رستماڻي، علي بخش لغاري ۽ ٻين دانيهندي چيو ته اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي، اجمل ساوند تعليم جي ذريعي نوجوان نسل کي دنيا جي مقابلي ۾ آڻڻ چاھيو ته تعليم دشمنن سندس کي قبائلي دشمني جي عيوض قتل ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته جيستائين سردارن ڀوتارن وڏيرن پيرن ميرن جو نظام هوندو تيستائين ڪنهن به آزادي نٿي ملي سگهي، هنن مطالبو ڪيو ته اجمل ساوند جي قاتلن کي سخت سزا ڏئي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي