لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري تعلقي جي شهر باڊهه ۽ آسپاس وارن علائقن سان واسطو رکندڙ بٺي تي مزدوري ڪندڙ پورهيتن مبينا طور بٺي مالڪ طرفان اجرت ۾ اضافو ڪرڻ بجاءِ کين نيڪالي ڏئي بيروزگار ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي مزدورن ممتاز پنهور، خان ڏهوٽ، رجب علي جت، سڪندر علي گوپانگ ۽ وزير علي گوپانگ ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته اسان ڪافي سالن کان باڊهه شهر ڀرسان سيد انور شاهه جي سِرن جي بٺي تي مزدوري ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا آهيون جتي بٺي جو مالڪ اسان کي هڪ هزار ڪچي سر ٺاهڻ تي 1100 روپيا اجرت ڏيندو هو، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران هڪ هزار ڪچي سر ٺاهڻ جو پورهيو 1423 روپيا مقرر ڪيل آهي، گهٽ اجرت ڏيڻ بابت اسان ضلعي انتظاميه ۽ ليبر آفيس وارن کي شڪايت ڪئي جنهن تان ڏمرجي بٺي جي بااثر مالڪ سيد انور شاهه اسان کي نيڪالي ڏئي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي.