ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ضلعي جا مغوي بازياب نه ٿيڻ تي ڪالهه چوٿين ڏينهن به سنڌ- پنجاب- بلوچستان دنگ تي هندو پئنچائت، سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جو ڌرڻو جاري رهيو. ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند ۽ هڙتال آهي. هاڻي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌرڻا ۽ احتجاج شروع ٿي ويا آهن. ڪلفٽن ڪراچيءَ تي لڳل ڌرڻي ۾ سنڌ جي گهرو معاملن جي نگران وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شبير بجاراڻي ڌرڻو هڻندڙن سان ڳالهيون ڪري ٻن مغوين جي بازيابيءَ جي خوشخبري ڏني ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو پر اهي واعدا وفا نه ٿيا ۽ هي سٽون لکجڻ تائين، مغوي بازياب نه ٿي سگهيا هئا.
سنڌ جي اجتماعي شعور جو شينهن ڪر موڙيو اٿيو آهي ۽ جن کي اهو مغالطو ۽ غلط فهمي هئي ته سنڌ سدائين ستل ئي رهندي، ڇو ته انهن سنڌ جي ڪاوڙ کي ڪجهه رعايتن، آمدني ۾ اعانت وارن پروگرامن ۽ ڪجهه آسرن ۽ دلاسن ذريعي فتح ڪري ورتو آهي، انهن جون اهي سياسي شعبديبازيون وقعت وڃائي ويٺيون آهن. ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ واري جدوجهد هجي، زمينن جي نيلام خلاف هلايل تحريڪ هجي، ون يونٽ مخالف هلچل هجي يا وري جمهوريت جي بحالي واري 1983ع واري تحريڪ (ايم آر ڊي) هجي، سنڌ جدوجهد ۽ عمل جي ميدان ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي. ايم آر ڊي واري جدوجهد کانپوءِ، (40 سالن کانپوءِ) اهو پهريون ڀيرو آهي، جو سنڌ ۾ ايڏي ڪاوڙ ۽ عوام ۾ ايترو اتحاد نظر اچي رهيو آهي، البته ان کان اڳ سنڌ جي عوام محترما بينظير ڀٽو جي شهادت تي سخت ڪاوڙ ۽ رد عمل جو اظهار ڪيو پر شهيد محترما جي پارٽي جي قيادت ان ڪاوڙ کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ بدران سوڳ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن وقت سنڌ جو عوام هونئن ته ڌاڙيل گردي، بدامني، ڏوهن ۾ ملوث “اشرافيا” ۽ ان جي “مجرم سپاهه” (ڌاڙيل) خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، پر ان ڪاوڙ ۾ گذريل ڏيڍ ٻن ڏهاڪن جي خراب حڪمراني، ڪرپشن، سنڌ جي گهڻ رخي بربادي، وسيلن جي ڀيل سميت مختلف نا انصافين تي سنڌ جي عوام جو غصو پڻ موجود آهي. هاڻي اهو معاملو صرف هندو پئنچائت جو ناهي رهيو. هن وقت عوام روڊن تي آهي ۽ جن انهن کان ووٽ ورتا، اهي ڏسڻ ۾ نٿا اچن. باقي حال ته نگران حڪمرانن جا به پورا سارا آهن. سنڌ جي گهرو معاملن جي نگران وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ڌاڙيلن خلاف انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن جو اعلان ته ڪيو آهي پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته وزير موصوف مغوين جي آزاديءَ جي خوشخبري، اڳوڻي صوبائي وزير شبير بجاراڻي ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان گڏجي ڪلفٽن ڪراچيءَ واري ڌرڻي ۾ ڏيئي ڌرڻو ختم ڪرايو هو ۽ ٻين مغوين جي آزاديءَ لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت ورتي هئي پر اهي مغوي، هي سٽون لکجڻ تائين، بازياب ناهن ٿي سگهيا، جنهن مان نگران گهرو وزير جي بيوسيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جي واقعي به نگران گهرو وزير ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙن سردارن جي اڳيان ايترو بيوس آهي ته اهو ڌاڙيل خلاف ڪهڙو آپريشن ڪرائي سگهندو؟ اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ ڏوهه، سرپرستي جي ڇٽي هيٺان اُسري ۽ نسري ٿو. سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري جي ديوَ جو ساهه جنهن طوطي ۾ آهي، ان طوطي جو نالو آهي “ڀوتار”. ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ “اشرافيا” کي ناڪيلي وجهبي ته ڏوهه پاڻهي گهٽ ٿي ويندا پر هتي ته پير ۾ لڳل ڪنڊو ڪڍڻ لاءِ گوڏو پيو کوٽجي ۽ ڪنڊو وري ڪياڙيءَ مان پيو ڪڍجي.
سنڌ جي شهرن جا چوڪ هن وقت ‘التحرير اسڪوائر’ بڻيل آهن. مطالبو صرف چند مغوين جي آزاديءَ تائين محدود نه آهي، هر پاسي کان گهر اها آهي ته سنڌ ۾ پاليل بدامني جي انهن راڪاسن جو خاتمو آندو وڃي، پڪي ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪيو وڃي، سنڌ ۾ جهيڙيندڙ برادرين ۽ قبيلائي دهشتگرديءَ ۾ ملوث ماڻهن کي بي هٿيار ڪيو وڃي ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن سنڌ ۾ هٿيارن جي پهچ ۽ وڪرو ختم ٿيندو ۽ ان جا رستا ۽ گهٽ گهيڙ بند ٿيندا. سنڌ ۾ هن وقت جيڪو تاريخي اڀار آيو آهي، اهو ڪنهن به ريت انارڪي ۽ تشدد جي راهن تي نه وڃڻ گهرجي. امن امان سنڌ جي ماڻهن جو حق آهي، شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت رياست جي آئيني ذميواري آهي. سنڌ جا ماڻهو رڳو اها ذميواري احسن طريقي سان پوري ڪرڻ جي گهر ڪري رهيا آهن. بدامني ۽ ڌاڙيل گردي وڌائي سنڌ تي مسلط ڪيل ذهني ۽ نفسياتي جنگ هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.