ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) دلبر مهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ فوجي رانگهڙ جي اجتماعي زيادت بعد فوت ٿي ويل نينگري ڪيشو ڪولهي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سونو ڪولهي، الله ڏنو ماڇي، رمضان عرف رتو چانيو ۽ ڀوجو ڪولهي کي پوليس فيملي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، عدالت پاران ڄاڻايل جوابدارن کي جڊيشل ڪسٽڊي تحت جيل موڪلي ڇڏيو ، جڏهن ته 10 نومبر تي ٻيهر جوابدارن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هوڏانهن ايس ايس پي پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جي سربراهه ڊي ايس پي فضل الحق چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪيس ۾ گهربل سمورا جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن، وڌيڪ جاچ لاءِ نينگري جي ميڊيڪل ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار آهي.