يووول نوح هراري پنهنجي ڪتاب Sapiens: A Brief History of Humankind ۾ ماڻهوءَ جي ارتقا بابت ٽي مکيه ڇالون Leap بيان ڪيون آهن. پهرين: ستر هزار سال اڳ موجوده ماڻهو، جنهن کي پاڻ هومو سيپينس سڏيون ٿا ۾ ‘اِدراڪ’ آيو، مطلب ماڻهوءَ، سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيتن جو استعمال شروع ڪيو. ٻين وڏي ڇالَ ٻوليءَ جي صورت ۾ آئي، جڏهن انسانن هڪ ٻئي سان رابطي لاءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو، جنهن مان پوءِ ٻوليون وجود ۾ آيون. هراري موجب، ٽيون وڏو ڇال ڪهاڻين جو آهي. مطلب اسٽوريز، ماڻهن هڪ ٻئي سان ٻوليءَ جي بنياد تي ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون. ڪهاڻيون ٻُڌائڻ شروع ڪيون. اُهي ڪهاڻيون اسان جي زندگيءَ جو ڪُل اثاثو هونديون آهن. ماڻهوءَ جي سڄي حياتي انهن ڪهاڻين جي چوڌاري پئي ڦِرندي آهي. ڪهاڻيون نه سچيون هونديون آهن نه ڪوڙيون، پر انهن ۾ سچ ۽ ڪوڙ جو تناسب الڳ الڳ هوندو آهي؛ جي ڪوڙ جو تناسب وڌي وڃي ته اهي ڪوڙيون، جي سچ جو سيڪڙو وڌي وڃي ته اهي سچيون ئي ليکيون وينديون. پوءِ انهن سچن ۽ ڪوڙن جي بنياد تي خبرون پڻ وجود ۾ اچن ٿيون، جيڪي پاڻ اندر ڪهاڻيون ئي هونديون آهن.
ڪو وقت هو جو خيال ڪيو ويو ته ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ سان ‘ڪُوڙَ جي مُنهن ۾ ڌُوڙ’ ٿيندي، پر ايئن نه ٿيو. ڪُوڙ تهائين تيز رفتاريءَ سان ڊوڙڻ لڳو. سچ جي بوٽ پائي ڪهيون ٻڌڻ ۽ ڪوڙ جو دنيا کي چڪر هڻڻ واري ڳالهه ته مشهور آهي. هاڻي به بلڪل ساڳيو طريقو هلي پيو. مثال طور، مضمون لکڻ لاءِ ڪالهه مان جڏهن خبرن جي جاچ ڪئي ته ڪهڙي موضوع تي لکجي ته منهنجي اڳيان ڪيتريون ئي خبرون اچي ويون. جهڙيءَ ريت: روسي مسلمان، ڪُشتي جي پهلوان خبيب نورماگو ميدوف کي آمريڪي شهرن لاس ويگاس کان لاس اينجلس ويندي جهاز مان لاٿو ويو. جهاز مان ڇو لاٿو ويو؟ هاڻي جيترا وات اوتريون ڳالهيون، اوتريون ڪهاڻي. هڪ ته هو روسي آهي، ٻيو مسلمان ته پوءِ پچار ته ٿيندي! ٻي خبر نهايت تڪليف واري آهي، جنهن ۾ هندستان م هڪ دلت شاگرياڻيءَ سان پنجن سالن اندر 64 ماڻهن جو ريپ رپورٽ ڪيو ويو آهي. اها ساڳي ڪُهني صورتحال پاڻ وٽ به آهي، پر رپورٽ نه ٿي ٿئي… ان خبر سان گڏ فيصل آباد جي اسپتال ۾ عورت سيڪيورٽي گارڊ سان ‘مبينا ريپ’ جي اسٽوري، جنهن عورت بي عزتي جي ڊپ کان خاموشي اختيار ڪئي ۽ پوءِ ملزم ڪهڙي ريت ان مان فائدو ورتو پڻ شامل آهي. انهن ئي خبرن ۾ هڪ هِيءَ به آهي ته ڀارت ۾ ماڻهن جو سڀ کان وڏو اجتماع ٿيڻ وڃي پيو. مها ڪُنب جو اهو ميلو، جنهن ۾ پاپ ڌوئڻ لاءِ هندو 12 سالن جو انتظار ڪندا آهن. خبرن ۾ اها خبر به اهم آهي ته، عمران خان ۽ ان جي زال خلاف 190 ملين پائونڊ واري ڪيس جو فيصلو بار بار ملتوي ڇو پيو ڪيو وڃي. خبرن جي قطار ۾ اها اسٽوري به ڪَرُ کڻي بيٺي آهي ته اسامه بن لادن جو عراقي ساٿي، جيڪو هن وقت گوانٽانامو جي جيل ۾ قيد ڪاٽي آزاد ٿيڻ وارو آهي، پر هن جا گهروارا نه ٿا چاهين ته هُو آزاد ٿي گهر اچي. انهن خبري ڪهاڻين ۾ ڪيترو سچ، ڪيترو ڪوڙ شامل آهي، پاڻ ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ جي هلندڙ دور ۾ واقف ناهيون. اهو پڻ سچ ته افسانو ٺاهڻ به ماڻهن جي سرشت ۾ ازل کان شامل رهيو آهي. ان ڪري ڀلي بظاهر اسان وڏا مذهبي، وڏا قوم پرست، وڏا ديس جا سچا سپاهي هجون، پر ساڳئي وقت موبائيل ڪال تي لوڪيشن غلط ٻڌائڻ کان وڏي گناهه جو اعتراف نه ڪرڻ جهڙا ڪوڙ اسان جي سماج جا اڻ ٽُٽ حصو ٿي ويا آهن. ائين ناهي ته باقي دنيا ۾ آئيڊل ماحول آهي، اُتي به مڪاري، دوکو دولاب ۽ فريب هوندا آهن، اُتي به ڪوڙ ڳالهايا ويندا آهن، پر هن سطح جا نه…! هتي حد آهي، جنهن جي ڀيٽا نه ٿي ڏئي سگهجي. جن ٻاهرين ملڪن خاص طور يورپ ۽ آمريڪا جا اسان مثال ڏيندا آهيون، اُتي به معاشرتي گناهه ٿيندا آهن، پر اتي خوشيون به هونديون آهن. ماڻهو، زندگيءَ جو ڀرپور لطف به حاصل ڪندا آهن. هتي ان جي ابتر پاڻ اداسائيءَ جو عجيب چوغو پائي ورتو آهي. دل کولي ڳالهائي به نه ٿا سگهون. دل کولي ٽهڪ به نه ٿا ڏئي سگهون. انساني فطرت جي عين مطابق ڪيتريون ئي ڀلايون ۽ بُرايون اسان ۾ موجود آهن، پر ڪيترين سُٺين ڳالهين کي ستن پردن ۾ لڪائڻو پوندو آهي. نتيجي ۾ سماج اندر سچ گهٽ ڪوڙ وڌيڪ پروان چڙهي ٿو، جنهن سان منافقي پيدا ٿيندي آهي يا نه اهو الڳ بحث، ايترو آهي ته هروڀرو جي پرديداريءَ سان معاشري ۾ اڻ برابريءَ کي وڌيڪ تقويت ملندي آهي. خاص ڪري جڙتو ۽ هٿرادو پردي ڪرڻ جي مجبورين عورتن سان گڏ مردن کي به نفسياتي مريض ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي عورتن کي ٻيو ڪير نه ڏسي، ان جي ذهنيت سان سوارين ۾ ويٺل عورتن جي مرد ڊرائيورن کي روڊن تي تيز گاڏيون ڊوڙائيندي ڏسي سگهجي ٿو. بقول منهنجي هڪ دوست ته عورت ساڻ هجي ته مرد ڊرائيور جي مٿان فرض ٿي وڃي ٿو ته جيترو جلد ٿي سگهي راڪاسن ڀيڙ مان عورت کي ڪٿي پري ڀڄائي وڃي. اميد ته روز جي بنياد تي اهي مشاهده توهان جي اڳيان ايندا هوندا ۽ خبردار! ڪڏهن به ڪنهن اهڙي گاڏيءَ سان ريس پڄائڻ جي ڪوشش نه ڪجو، جنهن ۾ عورت ويٺل هجي. ان سڄي معاملي جو هڪ دکدائڪ پاسو اهو پڻ آهي ته روڊن تي ڪافي حادثا ان سبب جي ڪري به ٿين ٿا. هڪ ته هر ڏينهن جي بنياد تي سوڙها ٿيندڙ روڊ ته ٻئي طرف وڌندڙ ٽريفڪ، پوءِ اها روڊن تي گاڏين جي هجي يا گهٽين گهرن ۾ ماڻهن جي آباديءَ جو بم ڪيتري تيزيءَ سان سڙي ڌماڪي جي شڪل اختيار ڪندو پيو وڃي، نه عام کي پرواهه نه خاص کي اؤنو نه سرڪار کي ڪو سرَوڪار! سال 1947ع ۾ موجوده پاڪستان، جيڪو ان وقت جو اولهه پاڪستان هو، جي ڪل آبادي ساڍا ٽي ڪروڙ مس هئي. هن وقت پاڻ 24 ڪروڙن جي آڪڙي کي ڇُهُون پيا. ان وقت حيدرآباد واقعي به ڪراچيءَ کان پري هو. وچ تي وسنديون نه هئڻ جي برابر هاڻي ته سفر ۾ ائين لڳندو آهي ته ڄاڻ ٻئي شهر ڄاڻ گڏيا. ان زماني ۾ ميلن تائين ڪا به آبادي نه هئي. هاڻي توهان کي زمين جي ڪا ڪُنڊ خالي نه ملندي. اها اسان جي مردانگي آهي، حڪيم ايم. ايڇ. سومري جي دوائن ڪمال ڪري ڏيکاريو. ٻئي ڪنهن ميدان ۾ اسان پاڻ نه ملهائي سگهياسين، پر هتي اسان ڪمال ڪري ڇڏيو. اسان واقعي به مرد آهيون. اهو عملي طور ثابت ڪري ڏيکاريو، 77 سالن جي قليل عرصي ۾ ساڍن ٽن ڪروڙن کان چوويهه ڪروڙن تائين پهچڻ ڪا گهٽ ڳالهه آهي ڇا؟ دُنيا ۾ جيڪڏهن اجتماعي ڪارڪردگيءَ تي ڪو گڏيل انعام هجي ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو ان جا حقدار آهن. پوءِ اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ اسان جنهن خوشحال رستي جي تلاش ۾ آهيون، اهو ان رش ۾ ته ڪونه ملندو. وري هن عظيم قوم کي اها به شابس ته 24 ڪروڙن جي آباديءَ تي به مطمئن ناهي. تمام برق رفتاريءَ سان آباديءَ کي وڌايو پيو وڃي. هن وقت افزائش جو ريٽ دنيا ۾ ٽاپ تي آهي. ملڪ ننڍڙو ماڻهو گهڻا. اهو لقاءَ فقط هتي ئي ڏسي سگهجي ٿو. ان سڄي ڳنڀير معاملي ۾ وري نڀاڳين حڪومتن جا رويا به ڏسڻ وٽان آهن. آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان ڪو دِليريءَ وارو فيصلو ته پنهنجي جاءِ تي پر ان مسئلي تي ڳالهائڻ جي جُرئت به نه ٿيون ڪن. بس سڀ ڪجهه ڄڻ ايڊهاڪ تي هلي رهيو آهي. ڪم ٽپائڻو آهي، پوءِ ڪير مري بچي سرڪار جو ڇا؟ اسي جي ڏهاڪي ۾ ضيائي سرڪار جي سرپرستيءَ ۾ رات جو دير سان ‘دو بچي خوشحال گهرانا’ جا اشتهار هلندا هئا. هاڻي ته اهي به ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن. خبر ناهي حڪومتون ڇا پيون ڪن؟
حڪومتن جي هڪ ڪم ۾ اهم اهو به هوندو آهي ته تعليم و تدريس جي معرفت ماڻهن کي چڱاين ڏانهن رغبت ڏيارڻ نه فقط علم پر عمل جي ذريعي ثابت پڻ ڪرڻ، پر هتي ته ايئٽ ابتو پيو هلي. سرڪاري سطح تي جيڪي ڪوڙ ڳالهايا وڃن ٿا، انهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سچ ته اهو اهڙو افسانو آهي، جنهن جي پڄاڻي ناهي. وري پاڻ ساڳئي نُڪتي تي موٽي اچون ٿا ته، اجتماعي زندگيءَ ۾ ڪوڙ ڪاهي پيو آهي. ايتري تائين جو اسان جا سڀ فوجداري ۽ سول قانون انگريزن ٺاهيا، انگريزن جڏهن ديسي ماڻهن کي ڪوڙن ۾ ڀڙ ڏٺو ته هنن انهن قانونن ۾ هڪ شق رکي ته ڪنهن به جوابدار جو پوليس کي ڏنل بيان Admissible نه هوندو ۽ ان جي عدالت اڳيان حيثِيت نه هوندي، اڄ تائين اهو قانون لاڳو آهي، جڏهن ته انگلينڊ ۾ ائين ناهي ٿيندو. ڪوڙ لاءِ ڀلي اهو پهاڪو جڙيل هجي ته ‘ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ’ پر پاڻ جنهن سماج ۾ ساهه کڻو پيا، اتي ڪوڙ جي ئي جِيت آهي. سچ ته سدا کان ويچارو رهندو پيو اچي. هڪ ڀيري بانو قدسيه چيو هو ته، ‘ڪوڙ ته ٻيا به ڳالهائين ٿا پر جيڪي ڪوڙَ ايليٽ ڪلاس سان تعلق رکندڙ عورتون ڳالهائين ٿيو، اهي ٻڌي الامان توبهن!’ بس، ان توبهن تي مضمون به پورو ڪجي ٿو.