نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ هڪ شادي جي تقريب رس گلا ٿورا پئجا ويا جنهن کان پوءِ معمولي ڏند چڪ بعد جهيڙو ايترو وڌي ويو جو 6 ماڻهو اسپتال پهچي ويا. اهو عجيب واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش جي علائقي شمس آباد ۾ پيش آيو جتي ماني شروع ٿيندي ئي مهانن کاڌي جي ميز تي حملو ڪري ڏنو. پوليس موجب شادي ۾ ڪنهن رسگلا ٿورا هجڻ جو چيو جنهن کان پوءِ رس گلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ 6 ڄڻن ۾ ڏند چڪ ٿيا جنهن کان پوءِ جهيڙي جي نتيجي 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب اسپتال انتظاميا زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي آهي جڏهن ته زخمين خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. پوليس طرفان وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اهو واقعو گذريل سال به پيش آيو هو ۽ شادي ۾ مٺائي ٿوري پوڻ تي ڪجهه ماڻهن ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ هڪ شخص مارجي ويو هو.