وانا (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخوا ۾ ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 6 خوارج دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دوستالي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. سڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻن جو موثر طريقي سان پتو لڳايو آپريشن ۾ هڪ خارجي احمد شاهه عرف انتظار مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ افغان سرحد تي خوارج جي گروهه جي چرپر ڏٺي وئي خوارج پاڪستان ۾ دراندازي جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، فورس ڏکڻ وزيرستان جي علائقي خرمنگ ۾ خوارج کي ڏٺو، دراندازي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي 5 خوارج ماريا ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان عبوري افغان حڪومت کي بار بار چوندو رهيو آهي ته هو موثر بارڊر مينيجمينٽ يقيني بڻائي. اميد آهي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجون ذميداريون پوري ڪندي.