راولپنڊي (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب فورسز اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي فائرنگ سبب سپاهي عمران الله ۽ سپاهي افضل خان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻڻ جو پتو لڳايو جن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جا عزم وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.