رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) اتر سنڌ مان اغوا انڊسٽري ختم نه ٿي سگھي، 18 سال اڳ ٺل تعلقي جي ڳڙھي حسن شھر مان اغوا ٿيل نينگري فضيلا سرڪي سميت لاڙڪاڻي ڊويزن جا اغوا ٿيل 25 مغوي پنھنجي پيارن سان نه ملي سگھيا آھن، جنھن ۾ ساڳئي ٺل تعلقي جا رھواسي 12 ورھيه اڳ اغوا ٿيل نينگر احسان کوسو الطاف کوسو ۽ صحافي محسن کوسو سندس ساٿي اڪبر کوسو ۽ سندس ملازم پورھيت عبدالغفار عرف بصرو جمالي جيڪي اڄ کان ڏھه سال اڳ بلوچستان ويل ھئا ته اغوا ٿي ويا، جنھن بعد سندن وارثن پاران مسلسل پنھنجي پيارن جي بازيابي لاءِ جدوجھد ڪرڻ باوجود پوليس ۽ حڪومت کين ھٿ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي، جڏھن ته 2023ع جي سال ۾ جيڪب آباد مان ٻن الڳ واقعن ۾ ٻه نينگر زاھد علي ويسر ۽ نويد احمد لاشاري کي به اغوا ڪيو ويو، جيڪي به ھيل تائين واپس نه اچي سگھيا آھن، ڄاڻايل ٻنھي نينگرن جي وارثن عبدالرزاق لاشاري ۽ ٻين پاران ان وقت کان وٺي ھيل تائين نه رڳو نينگرن جي اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو، پر ھو تصديق ڪندا رھيا آھن ته سندن ٻچڙن کي اغوا ڪيو ويو آھي، ڄاڻايل 8 ئي مغوين کان علاوه گذريل ٽن مھينن اندر نينگرن سميت 17 ڄڻا اغوا ٿي چڪا آھن، جيڪي به ھيل تائين ڏوھارين وٽ قيد آھن، جنھن ۾ ٺل واسي غلام حيدر کوسو، سندس ڀاءُ يوشا کوسو ۽ ڀائٽيو محمد سلمان کوسو، ڪشمور واسي نينگر احد ڇڄڻ جنھن جي اغوا ٿيڻ کي تقريبن 3 مھينا گذري چڪا آھن، پر ھٿياربندن وٽ قيد آھي، ان ڏس ۾ گڏ ڪيل وڌيڪ ڄاڻ مطابق ته ڏوھارين پاران نينگر کي سرعام ڪاھ ڪري اغوا ڪرڻ بعد ظاھري طور ڀنگ طلب ناھي ڪيو يا وارث ڏوھارين جي ڊمانڊ کي خوف کان ظاھر نه پيا ڪن، پر ھن جي اغوا جو جيڪو واقعو پيش آيو، ان جي وارثن پاران به تصديق ڪئي وئي  ۽ ڪيترا ڀيرا ڪشمور ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا به ھنيا ويا، پر پوليس رڳو “ حاضر ” جي بک نه پئي ڏئي باقي ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي، ساڳئي ڪشمور شھر ڀرسان ڳوٺ قاضي ڪلوڙ مان 5 ڏينھن اڳ ھڪ ٻيو نينگر قاضي وارث علي ڪلوڙ به ڏوھاري رات جي وقت ۾ اغوا ڪري ويا، جنھن جي ويجھي عزيز استاد قاضي  مختيار ڪلوڙ مطابق ته ڏوھارين نينگر جي بازيابي لاءِ سندن پوليس پاران گرفتار ڪيل ساٿين کي آزاد ڪرڻ جو شرط رکي ڇڏيو آھي، جڏھن ته اغوا ٿيل نينگر جي وارثن جي مالي طور ڪيفيت به تمام گھڻو رحم جوڳي آھي ۽ ھو انتھائي مسڪين ھجڻ ڪري مغوي نينگر جون وارث عورتون ٽن ڏينھن اندر مسلسل پاڪ ڪتاب کڻي ڪچي ۾ ڏوھارين وٽ به وڃن ٿيون  پر ڌاڙيلن کي رحم نه پيو اچي جو ٻارڙي کي باحفاظت بازياب ڪن جيئن سندس وارثن جي اکين مان ڳڙندڙ ڳوڙھا بند ٿي سگھن، ٻئي طرف ساڳئي ڪشمور مان 3 ڏينھن اڳ ڪراچي جي واپاري معين الدين کي دوکي سان گھرائي ڌاڙيلن اغوا ڪيو ۽ پوءِ کيس ڀنگ لاءِ ڳچيءَ ۾ زنجير وجھي وڻ ۾ ٻڌو ويو ۽ مٿس تشدد ڪرڻ واري وڊيو وائرل ڪئي وئي، وائرل ڪيل وڊيو ۾ بزرگ پيرسن بازياب ڪرائڻ لاءِ دانھون ڪري ٿو، ان ڏس ۾ پنھنجي اخبار پاران وڌيڪ گڏ ڪيل ڄاڻ مطابق ته وڳڻ مان تقريبن ڏيڍ يا ٻه مھينا اڳ اغوا ٿيل پورھيت رستم علي تنيو به بازياب نه ٿي سگھيو آھي، مغوي نوجوان جي وارثن مطابق ته سندن نوجوان تي ڌاڙيل تشدد ڪري کانئن ڳرو ڀنگ طلب ڪري چڪا آھن پر وٽن ڳرو ڀنگ ادا ڪرڻ جي وصيت ناھي، جنھن سبب سندن نوجوان قھر جي گرمي ۾ ڏوھاري وٽ قيد ۾ بڻيل آھي، جڏھن ته قمبر مان به ڪجھه ڏينھن اڳ ٽي نوجوان شعيب احمد چانڊيو فراز علي چانڊيو ۽ اعجاز چانڊيو نڪري لاڙڪاڻي پئي آيا ته وارثن مطابق اغوا ٿي ويا، جنھن بعد مغوي نوجوانن جي وارثن عبدالمجيد چانڊيي ۽ ٻين مطابق ته کين پوليس ٻڌايو آھي ته سندن ٽئي نوجوان عورت سان رابطي ۾ اچي لاڙڪاڻي پھچڻ بعد اغوا ٿي ويا، اغوا ٿيل ٽنھي نوجوانن جي حوالي سان لوڪيشن ھٿ ڪئي وئي آھي، جيڪا آخري لوڪيشن خانپور جي ڪچي ۾ ملي ٿي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪم ڪري پئي، جلد خوشخبري ڏينداسين، ٻئي طرف شڪارپور ضلعي مان به چئن ڄڻن جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي آھي، جنھن ۾ ڊکڻ واسي 2 نينگر جيڪي گڏ اغوا ٿيل آھن، سيد ڪاشف شاھ ۽ سندس ٻيو ساٿي نينگر رابيل علي چنه رحيم آباد مان ٽيوب ويل تان اغوا ٿيل پورھيت سعيد احمد پھوڙ ۽ ڳڙھي ياسين مان اغوا ٿيل کير جو واپاري محمود مڱريو شامل آھن، جيڪي به ھيل تائين بازياب نه ٿي سگھيا آھن، مغوي سعيد احمد پھوڙ جي وارثن صدام حسين پھوڙ ۽ ٻين مطابق ته سندن پياري کي اغوا ڪرڻ بعد ڌاڙيلن ڪا ڀنگ لاءِ ڪال نه ڪئي آھي، جڏھن ته ڊکڻ مان اغوا ٿيل نينگرن سيد ڪاشف شاھ ۽ رابيل چنه جي وارثن کي ڌاڙيلن پاران ٻنھي نينگرن تي تشدد واري وڊيو موڪلي 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو ھيو، اھڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد شڪارپور پوليس موقف اختيار ڪيو ته اھي ٻئي نينگر ھرکجي گھوٽڪي مان اغوا ٿي ويا آھن، تنھن باوجود به شڪارپور پوليس جي ڪوشش آھي ته کين جلد ۽ باحفاظت بازياب ڪرايون، ٻئي طرف 20 جون جي ڏينھن ڳڙھي ياسين لڳ سونواھه واسي مدرسي جي مھتمم ساٿي نثار احمد پھوڙ سميت گم ٿيل سڪندر علي ڪاڪيپوٽو جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آھي، ان ڏس ۾ ٻنھي ڄڻن جي وارثن پاران تصديق ڪئي وئي آھي ته سندن ٻنھي پيارن کي جوابدارن پاران غوثپور مان مدرسي لاءِ گڏجي چندو ڪرڻ ويا ته اغوا ڪري ويا آھن، ۽ ھٿياربند ڀنگ پڻ مطلب ڪن ٿا. ٻئي طرف غوثپور جي ڪچي مان ذاتي دشمني تان نينگر احمد خان جاگيراڻي کي جوابدارن پاران اغوا ڪيو ويو، جيڪو به ڏينھن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگھيو آھي، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آھي ته ڀيا ۽ جاگيراڻي ڌرين ۾ 30 مينھون ڦر ڪرڻ تان تڪرار ھلندڙ ھيو، جنھن بعد نينگر جي اغوا جو واقعو پيش آيو. ھوڏانھن ذڪر ڪيل سمورن مغوين جا وارث پنھنجي پيارن جي واپسي لاءِ نه رڳو منتظر آھن پر ھو حڪومت کان گھر به ڪن ٿا ته نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.

نوجوانن کي ڌاڙيل عورتاڻي آواز تي ھرکائي اغوا ڪن ٿا: ذريعا

رستم: اتر سنڌ مان اڪثر ڪري نوجوانن کي ڌاڙيل عورتاڻي آواز تي ھرکائي اغوا ڪن ٿا، ان ڏس ۾ ڪجھه بازياب ٿيل مغوين وٽان سندن نالا ظاھر نه ڪرڻ جي بنياد تي اھيو به انڪشاف ٿيو آھي ته ڌاڙيل عورتاڻي آواز تي ھرکائڻ وقت اغوا ٿيندڙن کي فحش وڊيو به سينڊ ڪندا آھن، جنھن سبب اڪثر نوجوان ڪوڙي دوکي ۾ اچي اغوا ٿي وڃن ٿا.

ڳڙهي حسن شهر مان نياڻي فضيلا کي اغوا ڪيو ويو، 18 سال گذري ويا آهن: عبدالرزاق سرڪي

رستم: ٺل ڀرسان ڳڙھي حسن شھر مان اغوا ٿيل نينگري فضيلا سرڪي جا والدين پيءُ عبدالرزاق سرڪي ۽ والده سڪينا سرڪي سنڌ سرڪار ۾ اميدون رکي ويٺل آھن، عبدالرزاق سرڪي مطابق سندس نياڻي کي ڏينھن ڏٺي جو ڳڙھي حسن شھر مان راند ڪري پئي ته اغوا ڪيو ويو، واقعي کي 18 سال ٿي ويا آهن، پر نياڻي کي بازياب نه ڪرايو ويو آهي.

درياهن جي وچ ۾ قائم ڳڙهي تيغو جو ڪچو ڏوهارين جي آماجگاهه بڻيل

رستم: شاھه ٻيلي جي ڪچي کان وٺي ڪشمور جي ڪچي  تائين ڏوھارين لاءِ خانپور ويجھو ڳڙھي تيغي وارو ڪچو جنت بڻيل آھي، جتي اڪثر مغوين کي ذريعن مطابق قيد رکيو ويندو آھي ۽ بازياب به اتان ئي ٿيندا آھن، ڳڙھي تيغي جي ڪچي متعلق گڏ ڪيل ڄاڻ مطابق ته ڳڙھي تيغي جو ڪچو ٻن کان ٽن درياھن وچ ۾ اچي ٿو، ڪوٽ شاھو کان وٺي غوثپور جي ڪچو ڪيٽي تائين ھوڏانھن پني عاقل جي گدپور کان وٺي رضا ڳوٺ جي ڪچي تائين ملي ٿو، جنھن سبب ايراضي جيڪا آھي اھا ڳڙھي تيغي جي تمام گھڻي آھي جتي اڪثريت ڏوھارين ۽ ڌاڙيلن جي آھي.

سرڪار نه ٿي چاھي ته اتر سنڌ ۾ امن قائم ٿئي: سماجي اڳواڻ ستار زنگيجو

رستم: سماجي تنظيم جي اڳواڻ زنگيجو ستار پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڏوھاري پڪڙي امن ڪرائڻ وڏي ڳالھه ناھي پر خبر نه ٿي پئي ته اھڙو سسٽم ڪيئن قائم ڪيو ويو آھي، جو سنڌ سرڪار جي جديد ٽيڪنالوجي ان وقت ناڪام وڃي ٿي، جڏھن ڏوھاري عورتن جي آواز تي نوجوانن سان مسلسل رابطا ڪري کين ڪچي ۾ گھرائين ٿا  ۽ پوءِ مٿن تشدد ڪري اھڙيون وڊيو وائرل ڪن ٿا، ڏوھارين جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿين ته ھنن جو ڪافي حد تائين رابطو ختم ٿي ويندو، اھڙي قدر سندن خلاف ٽيڪنيڪل طريقي سان ڪارروائي ٿئي ته شايد ڏوھاري گرفتار به ٿي سگھن ٿا، پر سرڪار نه ٿي چاھي ته اتر سنڌ ۾ امن قائم ٿئي ۽ ماڻھو سک جو ساھ کڻي سگھن.

ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور واسي مغوين جي وارثن ۽ ڌاڙيلن ۾ ڊيل ناڪام، ڀنگ جي رقم طلب

رستم: ڳڙھي ياسين لڳ سونواھه واسي مدرسي جي مھتمم سڪندر علي ڪاڪيپوٽو ۽ سندس ساٿي شڪارپور واسي نثار احمد پھوڙ جي بازيابي لاءِ اغواڪارن ۽ مغوين جي وارثن وچ ۾ ڊيل ڪامياب ٿي وئي، پر جوابدارن پاران ڀنگ جي ڳري رقم طلب ڪئي جنھن سبب ڳالھيون اٽڪي پيون، جنھن سبب ڄاڻايل ٻئي مغوي ھيل تائين بازياب نه ٿي سگھيا آھن.

سردار پاٿاريدار آھن، ڏوهارين جا سرپرست پڪڙيو: نسيم بخاري

رستم: شڪارپور واسي ليکڪ نسيم بخاري چيو ته ماضي جي وقت ۾ جيئن پرو چانڊيو يا ٻيا ڌاڙيل ھئا، اھي پوليس ۽ ڀوتارن جي ظلمن کان تنگ ٿي ڏوھه ڪندا ھئا، پر ھن وقت ڏوھارين کي ڀوتارن تيار ڪيو آھي  ۽ اتر سنڌ جا سردار سندن پاٿاريدار آھن، ھو ڌاڙيلن کي اليڪشن وقت به استعمال ڪندا آھن، سياسي مخالفن خلاف به استعمال ڪندا آھن گڏ گڏ سندن ڪوئي مفاد حل نه ٿيندو آھي ته ڏوھارين جي سھاري ڏھڪاءُ پکيڙي ڪم وٺي ويندا آھن، تنھنڪري ڏوھارين کان پھريان سندن سرپرست ۽ سھولتڪارن خلاف ڪارروائي ٿئي ته امن ٿي ويندو، نسيم بخاري اھيو به چيو ته ھونئن ته ڏوھه سڄي دنيا ۾ ٿئي ٿو، پر اتر سنڌ ۾ ٻٽو ميار آھي سڌريل ملڪ ۾ ڏوھه کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتي ويندي آھي، پر اتر سنڌ ۾ مخالف در کي هيسائڻ لاءِ ڏوھه ڪرايا ويندا آھن، ھن اھيو به چيو ته بدامني جو سلسلو تمام پراڻو آھي، جنھن تي ضابطو آڻڻ جي باضابطا طور ڪوشش ڪجي ته فرق ظاھر ضرور ٿيندو.