اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نواز ليگ، ايم ڪيو ايم، بلوچستان عوامي پارٽي، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ ٻين اتحادين صدر لاءِ آصف زرداري جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف پاران اتحادي پارٽين جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز پاران صدر لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آصف زرداري کي نامزد ڪيو ويو، جنهن جي سمورن اتحادين حمايت ڪئي، وزير اعظم پاڪستان شھباز شريف چيو آھي ته اتحاد ۽ اتفاق سان اتحادي حڪومت ٻيھر وجود ۾ آئي آھي ۽ عوام جي فيصلي جو اسان سڀني کي احترام ڪرڻو آھي، اسان ڪيترن ئي چئلنجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون،  سڀني جو ٿورائتو آھيان جن مون کي ٻيھر وزير اعظم چونڊيو، 9 مارچ تي اتحادي جماعتن جو سج اڀرندو، آصف زرداري صدر ٿي ويندو. اتحادين کي ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي وزير اعظم محمد شھباز شريف چيو ته صدر پاڪستان جي چونڊ ٿيندي. ھوش اڏاريندڙ چئلنجز آھن، گيس ۽ بجلي جو مجموعي طور تي 5 کرب خسارو آھي. پي آءِ اي قرض 825 ارب رپيا آھي. بجلي جي چوري ساليانو 500 ارب رپيا آھي. ان مان اندازو لڳايو ته ملڪ جي ڪيتري صورتحال ڳنڀير آھي، نقصان ۾ هلندڙ ادارن کي ھلائڻ لاءِ فيصلا ڪرڻا پوندا. ھن چيو ته ھڪ کرب 700 ارب رپيا مختلف ڪيسن ۾ ڦاٿل آھن. وزير اعظم شھباز شريف اعلان ڪندي چيو ته اسان جو گڏيل صدارتي اميدوار آصف علي زرداري آهي جيڪو اڪثريت سان صدر پاڪستان ٿي ويندو. سمجھان ٿو ته اسان سڀني کي گڏجي ھن ٻيڙي کي پار ڪرائڻو آھي، جيڪڏهن ڪامياب نه ٿياسين تاريخ اسان کي ۽ اسان جي نسلن کي معاف نه ڪندي. ھن قوم جي حالت تبديل ڪرڻ لاءِ اسان کي گڏ ٿيڻو پوندو. ڪي پي ۾ جنهن کي مينڊيٽ مليو ان جو احترام ڪريون ٿا، ڪي پي پنهنجو صوبو آهي، ڪوشش هوندي گڏ هلون، ھن چيو ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري اسان جو اميدوار آھي. سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ اسان جي اڪثريت آهي، ووٽ لاءِ سڀني وٽ وينداسين، ان لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي. ان موقعي تي صدارتي چونڊ جي اميداور آصف علي زرداري چيو ته مشڪلاتون ضرور آهن  پر ناممڪن ڪجهه ناهي، آئنسٽائن چيلنجز کان نه ڊنو هو، اميد آهي ته شهباز شريف مشڪل حالتون کان نه ڊڄندو، وزيراعظم سان گڏ آهيون، محنت ڪنداسين اوھان سڀني جي مدد سان پاڪستان کي ٺاھينداسين، هن چيو ته ايگريڪلچر بنيادي  ايشو آھي ان کي ٺيڪ ڪريون، ڪئنال جي لائنگ، ڊيم ٺاھيون، چائنا پنج ٽريلن ڊالر جو فوڊ ايڪسپورٽ ڪندو آھي. پورو بلوچستان پيو آھي جتي صرف پاڻي ڏيڻو آھي. ھن چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ريفرنس مون داخل ڪيو ھو، ڪو به نه سمجھندو ھو ڇا ٿيندو پر مان سمجھندو ھئس ڇا ٿيندو. اوھان ٻڌو تاريخ تسليم ڪيو ته اھو ھڪ جوڊيشل قتل ھيو. پاڪستان کي ٻيھر اُن منزل تي پھچائينداسين جنھن تي سڀني کي فخر ھوندو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته اسان سڀني جو صدر لاءِ اميدوار آصف علي زرداري آھي. صدر طور ڪامياب ٿيندو ته پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ٿيندو جو ڪو سولين صدر ٻيو ڀيرو عھدو سنڀاليندو،  اڳ صدر پاڪستان ٿيڻ دوران پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور سولين صدر ثابت ٿيو ھو. اُن وقت 18 ھين ترميم تحت صدر پنھنجا سمورا اختيار وزير اعظم ۽  پارليامينٽ کي ڏنا جيڪا جمھوريت ۾ وڏي ڪامياب ھئي. 58 ٽو بي صدر جو اختيار به ختم ڪيو ھو.  بلاول چيو ته آصف علي زرداري ٻيھر صدر ٿيڻ سان وفاق کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ھن وقت بحران واري صورتحال آھي. پاڪستان جي جمھوريت جي لاءِ ضرورت آھي ته اسان سڀ گڏجي معاشي مسئلا، بيروني  خطرا ختم ڪريون. اميد آھي ته اڳ کان وڌيڪ ڪامياب ٿينداسين. اسان ڏينھن رات محنت ڪنداسين ۽ گڏيل صدارتي  اميدوار کي وڏي ليڊ  ڏياري ڪامياب ڪندا سين.