اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ابو ظهبي جو ولي عهد شيخ خالد بن محمد زائد النهيان پاڪستان جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو، سندس دوري دوران يو اي اي ۽ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي معاهدا ڪيا ويا، اُن کان اڳ صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، آصفه ڀٽو ۽ اعليٰ عملدارن ابو ظهبي جي ولي عهد کي ڀليڪار ڪيو، وزيراعظم هائوس آمد تي ابو ظهبي جي ولي عهد کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ کاڻ کوٽائي جي شعبي ۾ سهڪار تي معاهدو، ريلوي جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن پاران سيپڙڪاري بابت دستاويزن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ بينڪنگ، مائننگ، ريلوي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته منهنجي تازي دوري دوران ازبڪستان، افغانستان، پاڪستان ريلوي لائين منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ازبڪستان پڻ ان منصوبي ۾ وڏي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ان منصوبي سان گوادر ۽ ابوظهبي بندرگاهن کي فائدو پهچندو ۽ هي منصوبو خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير به شرڪت ڪئي، جڏهن ته راڄڌاني ۾ برسات کي نظر ۾ رکندي شهباز شريف پاڻ به ڇٽي کڻي هلندو رهيو ته جيئن معزز مهمان کي برسات کان بچائي سگهجي، ايوان صدر آمد تي صدر آصف زرداري مهمان جي آجيان ڪئي، صدر ابو ظهبي جي ولي عهد کي نشان پاڪستان جو اعزاز ڏنو.