ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ابراهيم حيدري ۾ محمد علي شاهه ۽ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ دلچسپي جو مرڪز بڻجي ويو، گم ايونٽ جي ٽئين ڏينهن وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيو. ٽئين ڏينهن جي پهرئين ميچ ۾ خاصخيلي يونائيٽيڊ سخت مقابلي کانپوءِ ينگ بولان جي ٽيم کي شڪست ڏني، جڏهن ته ٻئي ميچ ۾ فرزان اسپورٽس  پينالٽي ڪڪس تي سي آر 7 کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي موجودگي برقرار رکي. تقريب جي ٽئين ڏينهن جو خاص مهمان يونين ڪائونسل ابراهيم حيدري جو نئون چونڊيل چيئرمين حيدر علي ڄاموٽ هو. ان موقعي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين مهران علي شاهه ايونٽ ۾ شرڪت تي رانديگرن ۽ مداحن جو شڪريو ادا ڪيو.