ملير (رپورٽر) ابراھيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو جي صدارت هيٺ ٽائون آفيس ۾ حڪومت سنڌ ۽ عالمي بينڪ جي گڏيل منصوبي (ڪلڪ) جي سينيئر آفيسرن، ڪنسلٽنٽ، آفيشلز ۽ انجنيئرز سان گڏ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ميٽنگ منعقد ٿي، گڏجاڻي ۾ ابراهيم حيدري ٽائون جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو۔ ان موقعي تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو آفيسرن تي زور ڀريو ته ڪلڪ پروجيڪٽ جي تحت ابراهيم حيدري ٽائون ۾ هلندڙ سمورن ترقياتي منصوبن کي مقرر وقت تي مڪمل ڪيو وڃي. ترقياتي اسڪيمن جي تعميرات ۽ معيار کي هر صورت ۾ بهتر بڻايو وڃي، منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام ان منصوبن مان  فائدو وٺي سگهي. اجلاس ۾ ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر سهيل ملاح سميت (ڪلڪ) جي ڪنسلٽنٽ، آفيشلز ۽ انجنيئر به موجود هئا.