ملير (رپورٽر) ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ، سالڊ ويسٽ جي آفيسرن ۽ ٽائون ميمبرن سان گڏ ابراهيم حيدري ٽائون جي ٻهراڙي وارن علائقن تي مشتمل يوسيز ۾ صفائي جو ڪم سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي حوالي ڪيو. ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن، ڪراچي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڳوٺن کي شهري علائقن جيان سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ صفائي سٿرائي جو ڪم سنڌ سالڊ ويسٽ جي حوالي ڪيو ويو آهي۔ جلد ئي پاڻي ۽ سيوريج جو ڪم ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ جي حوالي ڪيو ويندو. ٻهراڙين جي يوسيز جي مختلف علائقن مان گند ڪچرو کڻڻ لاء لوڊر رڪشا ۽ ڪچري جا ڊٻا رکيا ويا آهن ته جيئن ڪچرو هڪ هند جمع ٿي سگهي.