ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري مان 8 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل عورت ۽ سندس ٻن معصوم ٻارڙن جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي
چارڻ پاڙي واسي پورهيت عارو چانگ لڙڪ لاڙيندي دانهيو ته سندس گهر واري انم چانگ جنهن جو ذهني توازن درست ناهي، 8 ڏينهن اڳ گم ٿيل ٻن ٻارڙن جي ڳولا دوران غائب ٿي وئي
پورهيت ٻڌايو ته 8 ڏينهن اڳ 4 سالن جو ساگر حسين ۽ سندس ڀاءُ اڍائي ورهين جو صابر حسين گهر ٻاهران گم ٿي ويا، زال مڙس ٻارن جي ڳولا ۾ هئاسين ته زال به اوچتو غائب ٿي وئي
عارو چانگ موجب ابراهيم حيدري ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين اختيارين کي درخواستون پڻ لکيون آهن، پر پوليس چئي رهي آهي ته ٻارن جي ڳولا ڪريو، هٿ اچي وڃن ته ڪال ڪري وٺجو
پورهيت الزام هنيو ته انور چانگ ۽ رسول بخش چانگ عورت ۽ ٻارڙن کي اغوا ڪري ويا آهن، 8 ڏينهن کان گهر ۾ روڄ راڙو آهي، پوليس مدد ڪري