ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ابراهيم حيدري ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ خاصخيلي يونائيٽيڊ دل حيدري ٽيم کي شڪست ڏئي ٽرافي کٽي ورتي. ان ڏس ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران محمد علي شاهه، حاجي شفيع محمد ڄاموٽ ميموريل ڊي گول فٽبال ٽورنامينٽ دلچسپ مقابلي سان پڄاڻي تي پھتو. فائنل ۾ خاصخيلي يونائيٽيڊ اسپورٽس ۽ دل حيدري اسپورٽس بهترين راند پيش ڪئي، جڏهن ته ميچ جو فيصلو پينلٽي ڪڪس تي ٿيو، جنهن ۾ خاصخيلي يونائيٽيڊ ٽيم دل حيدري ٽيم کي 3-1 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کٽي ورتو. فائنل ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه، ساحلي پٽي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ عزيز دائود جت، پيپلز پارٽي ملير جي سينيئر اڳواڻ نذير احمد ڀٽو ۽ ٻين خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. فاتح ٽيم کي 20 ھزار ڪيش ۽ ٽرافي ڏني وئي، جڏھن ته رنر ٽيم دل حيدري کي 10 ھزار روڪ ۽ رنر ٽرافي ڏني وئي.