ڪراچي( رپورٽر ) صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته ته مرسون مرسون سنڌ جو پاڻي نه ڏيسون، سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي عذرا پيچوهو چيو ته  منهنجو نعرو آهي مرسون مرسون سنڌ جو پاڻي نه ڏينداسون ،  اسان ڪو واڌو ڪئنال سنڌو تي ڪڍڻ قبول نه ڪنداسين ، هن يچو ته  پاڻي وڌي نه پيو بلڪه گهٽ ٿي رهيو آهي ، سندس چوڻ هو ته  منگلا ۽ تربيلا جي حالت سامهون آهي  ٻڌايو پيو وڃي ته هي سال ڏڪار جو آهي ، سمجهه ۾ نٿو اچي پنجاب وفاق جي يونٽن ۾ ڏار ڇو ٿو وجهڻ چاهي ، گڏ جيئڻ ۽ مرڻ چاهيون ٿا سنڌ به وفاق جو حصو آهي   هن چيو ته پاڪستان آهي ته اسين آهيون  وفاق قائم رکڻو آهي ته سنڌ کي ديوار سان نه لڳايو وڃي ، صوبائي وزير چيو ته  ايئن نه ٿئي جو سنڌ پاڪستان جي مخالفت ۾ وڃي