ممبئي (اسپورٽس نيوز) روايتي مخالف هٿان بدترين شڪست کانپوءِ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ مشهور ڪامينٽيٽر آڪاش چوپڙا ورلڊ ڪپ ۾ 2023ع لاءِ پنهنجي سيمي فائنلسٽ ٽيمن مان پاڪستان کي ٻاهر ڪري ڇڏيو. ڀارتي ڪامينٽيٽر آڪاش چوپڙا آگسٽ ۾ پنهنجي ٽاپ فور ٽيمن ۾ پاڪستان کي شامل ڪيو هو پر هاڻ ٽورنامينٽ دوران قومي ٽيم جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سيمي فائنلسٽ ٽيمن مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر عالمي ڪپ لاءِ پنهنجي ٽاپ فور ٽيمن ۾ ڀارت، آسٽريليا، انگلينڊ کانسواءِ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا مان ڪنهن هڪ ٽيم جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪا به ٽيم سيمي فائنل نٿي کيڏي ته اِها منهنجي لاءِ حيرت جوڳي ڳالهه هوندي.