بدين( رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين شھري اتحاد جي طرفان شھيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندَي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو آھي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري تاريخ جو وڏو ماڻھو ھو، ھن ڏکين حالتن ۾ سنڌ جي ماروئڙن جو ڪيس شاعري جي ذريعي پيش ڪري آمريتي قوتن کي للڪاري عوامي جدوجهدن جي بنيادن کي مضبوط ڪيو سندس خيال جدوجهد ۽ شاعري کي صدين تائين ياد رکيو ويندو، کيس وڏي بربريت ۽ سفاڪي سان قتل ڪيو ويو سندس خون جنھن به ڪيو ان سنڌ جي عوام جي جذبن احساسن ءِ محبتن جو قتل ڪيو آھي، اڳوڻي ضلعي ناظم ۽ ايم اين اي ڪمال خان چانگ چيو ته آڪاش پنھنجي دور جو دلير ڪردار ھو ھن شاعري ء عملي جدوجھد سان ظلم کي للڪاريو ۽ مظلوم ماڻھن جي ڏکن سورن ۽ حقن جي ترجماني ڪئي سنڌ جو عوام سندس وڇوڙي تي ڏکارو آھي، ايس يو پي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنهور چيو ته ڊاڪٽر آڪاش سنڌ جي تاريخ جي انمول قلمڪارن ۾ شامل آھي سندس شاعري ء فن دور جديد جو وڏو سرمايو آھي سنڌي ٻولي کي آڪاش جيڪي خزانه ڏنا آھن آھي سنڌ جي وادين ۾ سندس خوشبوءِ جيان مھڪندا ۽ گونجندا رھندا ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي نياڻي ميران انصاري چيو ته بابا اسان کي نيڪي ڪرڻ جي تربيت ڏني، ھو ھڪ اعليٰ آدرش رکندڙ انسان ھو ھو محبت ڪندو ھو پر کيس نفرت جو نشانو بنايو ويو، سندس خون سان ضرور انصاف ٿيندو، تعزيتي ميڙاڪي کي بدين شھري اتحاد جي ڪنوينر خليفه طارق عزيز ميمڻ، عوامي جمھوري پارٽي جي صدر صدر خادم ٽالپر پروفيسر طفيل احمد چانڊيو، ڊاڪٽر عزيز ميمڻ، تنوير احمد آرائين، ڊاڪٽر عبدالستار چنو، شاھنواز سيال، جان محمد انصاري، عبدالغني جوکيو به خطاب ڪيو، ھن موقعي تي قومي راڳين استاد الھڏنو جوڻيجو فقير ذوالفقار لنڊ استاد ڪريم ڪڇي بينسري نواز خالد محمود تارڙ ۽ ستار جوکيو آڪاش جي گيت ٻڌائي تقريب کي گرمائي ڇڏيو .