
حيدرآباد(بيورو رپورٽ + م ڊ) نامياري اديب ۽ انقلابي شاعر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس سندس نپايل پٽ لطيف ۽ ڊرائيور کان پوءِ سندس چوڪيدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. ايسا يس پي حيدرآباد فرخ لنجار چيو آهي ته ثابت ٿي ويو آهي ته واقعو قتل آهي. ان ڏس ۾ نالي واري اديب ۽ مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پراسرار نموني سڙي فوت ٿي وڃڻ کي 24 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت گذري وڃڻ باوجود واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي حيدرآباد پاران جوڙيل ٽيم ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گھر پهتي جنهن ۾ ايس پي هيڊڪوارٽر مسعود اقبال، ڊي ايس پي سي آئي اي افتخار ٻرڙو ۽ ايس ايڇ او بلديه ۽ ايس ايڇ او ڀٽائي نگر شامل هئا، ڪرائم سين ٽيم واقعي واري ھنڌ پھچي وڌيڪ شاھديون گڏ ڪيون آھن. حيدرآباد پوليس گذريل رات ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي هنج ورتل پٽ لطيف انصاري ۽ ڊارئيور کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي جتي انھن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي پر اڃا تائين پوليس پاران ڪو به انڪشاف سامهون نه اچي سگهيو آهي جڏهن ته ڪرائيم سين واري ٽيم وڌيڪ جاچ پڙتال لاءِ اڳڀرائي ڪندي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي چوڪيدار کي پڻ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي. ان ڏس ۾رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسين ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ڪيس ۾ پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ قتل ثابت ٿيو ته پوءِ پھرين وارثن کي ڪيس داخل ڪرڻ جو چونداسين جيڪڏهن ھنن ڪيس داخل نه ڪرايو ته سرڪار پنهنجي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪندي. هڪ خانگي ٽي وي چينل موجب ايس ايس پي فرخ لنجار وڌيڪ چيو آهي ته آڪاش انصاري جو موت حادثاتي ناهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي. پوسٽ مارٽم رپورٽ اڃا ناهي ملي پر ڊاڪٽرن تصديق ڪئي آهي ته موت حادثاتي نه آهي. هن چيو ته قتل ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر آڪاش جي لاش کي ساڙيو ويو. والد ۽ پاليل پٽ ۾ اختلاف هلندڙ هئا. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ايس ايس پي فرخ لنجار چيو ته ڊاڪٽرن سان ڳالهه ٻول ٿي آهي، انهن ڪجهه ڳالهيون اسان سان شيئر ڪيون آهن. پوسٽ مارٽم رپورٽ ايندي ته ڪرائيم سين ٽيم سان شئير ڪنداسين ۽ ڪمري مان ملندڙ شين سان ڀيٽينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته معاملو ايترو ڏکيو ڪونهي جو ڪنهن ٻئي اداري کان مدد وٺجي. ثبوتن کي ٽيلي ڪري معاملي جي تهه تائين پهچنداسين. وارث ڪيس داخل نه ڪرائيندا ته اسين پاڻ ڪيس داخل ڪنداسين. وارثن سان رابطو آهي ۽ اهي اڄ تائين ايف آءِ آر داخل ڪرائيندا. فرخ لنجار ڊاڪٽر آڪاش جي پٽ پاران اعتراف بابت پڇيل سوالجي جواب ۾ چيو ته ڊاڪٽر آڪاش جي پٽ اڃا تائين ڪو اعتراف ناهي ڪيو، اسين چاهيون ٿا ته پهرين انٽيروگيٽ ڪري وٺون پوءِ ان تي ڪو ڪمينٽ ڪري سگهون ٿا. جڏهن مڪمل شئي سامهون اچي ويندي ته ميڊيا سان شيئر ڪنداسين. ميڊيا کي گذارش ڪندس ته ڪافي افواهه هلي رهيا آهن، ماڻهو مختلف ڳالهيون ڪري رهيا آهن جنهن سان مونجھارا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيوته آئون سمجهان ٿو ته هي هاءِ پروفائل ڪيس آهي، منهنجي گذارش آهي ته جيڪي اٿينٽڪ شيون اچن اهي ئي هلايون ۽ ڊاڪٽر صاحب جي خون سان انصاف ٿي سگهي. ٻئي طرف پوليس ذريعن موجب ڊاڪٽر آڪاش جي ڊرائيور عاشق سيال پوليس جي پڇا ڳاڇا ۾ الزام لڳايو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش کي سندس نپايل پٽ سازش سان قتل ڪيو آھي پر پوليس آن دي رڪارڊ اھا ڳالھه تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهي.