حيدرآباد: ناڻي کاتي ۽ ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس پاڪستان جي آڊٽ ٽيمون ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس حيدرآباد ۾ پينشن سميت ٻين سرڪاري کاتن جي بلن جي خصوصي آڊٽ ڪري رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آڊٽ دوران پينشن ۽ سرڪاري کاتن جي بلن جي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن سامهون اچي چڪي آهي ۽ آڊٽ دوران ئي صرف حيدرآباد ۾ پينشن بابت 75 ڪروڙ کان وڌيڪ مبينا طور تي جعلي بل پڪڙيا ويا آهن جڏهن ته ذريعن جي وڌيڪ دعويٰ آهي ته پاڪستان ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) جي فنڊن ۾ 2 ڪروڙ رپين جي گهپلن جي نشاندهي ٿي آهي.