آڊيو ليڪ اسڪينڊل: قومي سلامتي ڪاميٽي پاران اعليٰ جاچ ڪاميٽي جي منظوري

0
90
گهرو وزير جي پنجاب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آڊيو ليڪ اسڪينڊل بابت قومي سلامتي ڪاميٽي پاران اعليٰ جاچ ڪاميٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي، سائبر سيڪيورٽي تي ليگل فريم ورڪ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو

اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، سروسز چيفس، اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين، حساس ادارن جي سربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، وزيراعظم جي تازي شنگهائي تعاون تنظيم ۽ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت بابت بريفنگ ڏني

قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آڊيو ليڪ جي مامري تي غور ڪيو ويو، حساس ادارن جي سربراهن اجلاس کي وزيراعظم هائوس سميت ٻين اهم هنڌن جي سيڪيورٽي، سائبر اسپيس ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين رخن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ آڊيو ليڪ جي مامري تي جاچ ٿي رهي آهي

اجلاس ۾ وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي بابت ڪجهه رخن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ انهن جي تدارڪ لاءِ فول پروف انتظامن بابت به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم هائوس سميت ٻين اهم هنڌن، عمارتن ۽ وزارتن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ ان نوعيت جي صورتحال کان بچي سگهجي، قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ مشاورت بعد سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان ليگل فريم ورڪ جي تياري جو فيصلو ڪيو ويو آهي

۽ ان حوالي سان قانون وزارت کي ليگل فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اجلاس ۾ آڊيو ليڪ جي مامري تي جاچ لاءِ اعليٰ اختياراتي ڪاميٽي جوڙڻ جي به منظوري ڏني وئي، جنهن آڊيو ليڪ بابت ڪاميٽي جو سربراهه گهرو وزير رانا ثناءُ الله هوندو، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائبر اسپيس جي موجوده تبديل ٿيل ماحول جي روشني ۽ تقاضائن کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي، سيفٽي ۽ سرڪاري ڪميونيڪيشنز جي محفوظ هجڻ کي يقيني بڻائڻ جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن سيڪيورٽي نظام ۾ ڪوئي دخل اندازي نه ڪري سگهي

ھي به پڙھندا

اسان کي صرف کيڏڻو آھي: آمريڪي سائفر بابت عمران خان جي آڊيو سامھون اچي وئي

هڪ ٻي آڊيو ليڪ ٿيڻ واري آهي، ان ۾ مريم مون کي اليڪشن ڪميشن مان نااهل ڪرائڻ جو ذڪر پئي ڪري: عمران خان