اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار جي عدالت فون بڪنگ ۽ آڊيو ليڪس بابت درخواستن ۾ گھرو وزارت ۽ پي ڊي آءِ جا جواب غير تسلي جوڳا قرار ڏيندي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي قائم ڪميٽي ۾ طلبي جا سمن معطل ڪرڻ جي حڪم ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن بشريٰ بي بي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس جو پٽ نجم الثقاب جي درخواستن کي گڏائي ٻڌني ڪئي وئي، جنهن دوران ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي، جسٽس بابر ستار چيوته ڪجهه سوال اٿاريا ويا آهن ته ملڪ جي ڪهڙي ايجنسي ڪالز رڪارڊ ڪري ٿي، سوال اٿاريو ويو ته وزيراعظم آفيس جي رڪارڊنگ ڪنهن ڪرائي؟ جن سوالن جو پڇيو ويو مون کي ان جوجواب گھرجي. ايف آءِ اي، ايم آءِ، آءِ بي، جيڪو به هجي مون کي ان تي جواب گھرجي. سموريون ڌريون ان تي جامع ۽ قانون موجب رپورٽ جمع ڪرائين يا آئون وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪيان. ان موقعي تي اٽارني جنرل جي سپريم ڪورٽ ۾ مصروف هجڻ جيي اپيل ڪئي وئي. عدالت ڌرين کي جامع ۽ قانون موجب رپورٽون جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي دوان توشا خانا ڪيس ٻڌندڙ جج همايون دلاور جي فيس بڪ پوسٽن جو ذڪر به ٿيو، لطيف کوسا ايڊووڪيٽ چيو ته ٽرائل ڪورٽ جي جج چيو ته فيس بڪ آءِ ڊي منهنجي آهي پر پوسٽون مون ناهن ڪيون، جج فيسبڪ پوسٽن بابت ايف آءِ اي وڪيلن کي گھرائڻ شروع ڪري ڇڏيو. جسٽس بابر ستار چيو ته آئون ايف آءِ اي يا ڪنهن اداري کي ڪارروائي لاءِ اڃا ڊائريڪشن نه ٿو ڏئي سگھان. حڪومت جواب جمع ڪرائي نه ته ايجنسين کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويندو. بعد ۾ اٽارني جنرل جي غير موجودگي جي ڪري عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.