اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته حڪومت جي نيت جي خبر پئجي وئي، سمورن اهم ڪيسز ۾ ضمانت باوجود آزاد نه ڪيو ويو، 24 نومبر تي احتجاج ٿيندو ۽ ڳالهيون به جاري رهنديون، پي ٽي آءِ اڳواڻن موجب اڊيالا جيل ۾ باني چيو ته واضح ٿي ويو کيس 24 نومبر کان اڳ آزاد نه ڪيو ويندو، هُو رڳو احتجاج ملتوي ڪرائڻ گهرن ٿا، جيڪڏهن ڳالهين ۾ سنجيده آهن ته اسان جي ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف باني عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته علي امين گنڊاپور ۽ بئرسٽر گوهر ذريعي آڇ ٿي ته احتجاج ملتوي ڪيو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، مان پنهنجي ۽ ٻين ماڻهن جي آزادي جو مطالبو ڪيو هو پر ائين نه ٿيو، اهي سنجيده ناهن، رڳو احتجاج ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا. عمران چيو ته جيل ۾ هوندي مون تي ڪيسن مٿان ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، ان کي بنانا ريپبلڪ چوندا آهن. سندس چوڻ هو ته وڪيلن، ججن، مزدورن، سول سوسائٽي سڀني کي پيغام ڏئي رهيو آهيان ته 24 نومبر تي نڪرو.